Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام اوڀر پاڪستان سانحي، قصبه علي ڳڙھ سانحي ۽ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي دردناڪ سانحي جي شهيدن جي ورسي نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ سميت سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.

 Posted on: 12/16/2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام اوڀر پاڪستان سانحي، قصبه علي ڳڙھ سانحي ۽ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي دردناڪ سانحي جي شهيدن جي ورسي نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ سميت سڄي ملڪ ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.
ڪراچي: 16 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ سميت سڄي ملڪ ۾ اوڀر پاڪستان سانحي، قصبه علي ڳڙھ سانحي ۽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي شهيدن جي ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. ان اجتماع ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سي اي سي، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، ڪراچي جي لاءِ نامزد ڪيل ڊپٽي ميئر ارشد وهره، حق پرست چيئرمينن ، ڪائونسلرن ۽ شعبن جي ذميوارن کان علاوه سيڪٽرن ۽ يونٽن جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ڪرائي جنهن ۾ شهيدن جي بلند درجات، پونئرن جي لاءِ صبر جميل، جناب الطاف حسين جي والدين جي بلند درجات ، لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي، اسير ڪارڪنن جي جلد آزادي،ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي، حق پرستانه جدوجهد جي ڪاميابي، ملڪ جي سلامتي، امن و امان جي قيام۽ دهشت گردي جي خاتمي کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪرايون. ان کان علاوه اندرون سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا. 
*****

5/13/2024 10:22:39 PM