Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميئر کي اختيار نه ڏنا ويا ته اسان سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين.ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت.


ميئر کي اختيار نه ڏنا ويا ته اسان سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين.ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 12/15/2015
ميئر کي اختيار نه ڏنا ويا ته اسان سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين.ايم ڪيو ايم جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت.
ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ عامر خان رابطا ڪميٽي جا سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر.
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ نديم نصرت ۽ ٻين جو خطاب.
ڪراچي: 15 ڊسمبر 2015 
                   ايم ڪيو ايم جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت اعلان ڪيو آهي ته وسيم اختر ڪراچي جا ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد وهره ڊپٽي ميئر جا اميدوار هوندا ۽ جيڪڏهن ميئر کي اختيار نه ڏنا ويا ته اسان سنڌ حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ ۾ لنڊن کان ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو.انهن چيو ته 5 ڊسمبر تي مڪاني اليڪشن ۾ تمام گهڻين سازشن جي باوجود الله تعالٰي اسان کي پنهنجي محنت جو  بدلو ڏنو ۽ ايم ڪيو ايم تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ان مڪاني اليڪشن ۾ واحد جماعت هئي جنهن جا هزارين ڪارڪن جيلن ۾ ۽ لاپتا آهن پر عوام جي حمايت سان ايم ڪيو ايم تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اها ڪاميابي ان جي ڪري به اهم آهي جو اسان جا سيڪٽر ۽ يونٽ به بند پيا هئا. انهن چيو ته اسان جو ميڊيا ٽرائل به ڪيو ويو ۽ عوام کي اهو تاثر به ڏنو ويو ته ڄڻ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو باب بند ٿي ويو آهي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ اهڙي تحريڪ آهي جنهن ۾ لکين ڪارڪن اهڙا آهن جن پنهنجي قائد جناب الطاف حسين کي روبرو ڏٺو به نه آهي پر انهن جي جناب الطاف حسين سان محبت جو اهو حال آهي ته جڏهن تحريڪ تي 

ڪوئي برو وقت اچي ٿو ته اهي سمورا ڪارڪن پنهنجيون پريشانيون وساري  ڪري تحريڪ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيهن ٿا. انهن چيو ته 1987 ۾ به ايم ڪيو ايم بي مثال ڪاميابي حاصل ڪئي هئي پر ان وقت حالتون بهتر هيون پر اڄ حالتون ايم ڪيو ايم جي حق ۾ تمام گهڻيون خراب هجڻ جي باوجود ايم ڪيو ايم ڪراچي جي 6 ضلعن مان 5 ضلعن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جنهن جو سبب جناب الطاف حسين ۽ انهن جا ڪارڪن آهن ۽ اڄ اسان وڏي فخر سان چئي سگهون ٿا ته اسان جناب الطاف حسين جا ڪارڪن آهيون ۽انهن جي قيادت ۾ پنهنجي منزل تي انشاء الله تعالٰي ضرور پهچنداسين. انهن چيو ته چونڊيل نمائندا عوام جي جيڪا به خدمت ڪندا  اها قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليم جي مطابق ئي ڪندا. ان کان  علاوه عامر خان سان گڏ ڊاڪٽر فاروق ستار کي به ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو ته ايم ڪيو ايم عوام جي محبت جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ڏينهن رات عوام کي خطاب ڪري انهن کي ايم ڪيو ايم ڏانهن راغب ڪيو. انهن چيو ته اسان جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو ويو ۽ اسان جا مخالف اسان جي خلاف آپريشن تي جمهريون هڻي رهيا هئا. پر اڄ جڏهن انهن جي ڪرپشن تي هٿ وڌو پيو وڃي ته انهي آپريشن جي هاڻي اهي مخالفت  ڪري رهيا آهن ۽ وڏو گوڙ ڪري رهيا آهن.ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو ته اسان جي ڪردار يا ڪنهن به عمل سان ڪنهن به ماڻهو کي نقصان يا ڏک نه پهچي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ارشد حسن  چيو ته 5 ڊسمبر جي تاريخي ڪاميابي اسان کي سبق ڏيئي ٿي ته اسان پنهنجي وچان رڪاوٽن کي ختم ڪري ڇڏيون. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ  خطاب ڪندي چيو ته اسان کي جناب الطاف حسين جي نظريه محبت تي عمل ڪندي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو احترام ۽ پاڻ ۾ محبت ڪرڻي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر رضوان بابر چيو ته اسان جو فرض آهي ته اسان پوري ڪوشش ڪري جناب الطاف حسين جي تعليمات تي عمل ڪندي پنهنجيون ذميواريون سٺي نموني سان نڀايون. 
*****

5/14/2024 3:55:37 AM