Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وسيم اختر ڪراچي جي ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد وهره ڊپٽي ميئر جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا اميدوار هوندا.


وسيم اختر ڪراچي جي ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد وهره ڊپٽي ميئر جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا اميدوار هوندا.
 Posted on: 12/15/2015
وسيم اختر ڪراچي جي ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد وهره ڊپٽي ميئر جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا اميدوار هوندا.
 هڪ هفتي کان لنڊن ۽ ڪراچي ۾ جاري رابطا ڪميٽي جي ميراٿن سيشنَ ۾ فيصلو.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  رابطا ڪميٽي جي  فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي.
لنڊن: 15 ڊسمبر 2015 
               ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي اليڪشن جي لاءِ هڪ هفتي کان لنڊن ۽ ڪراچي ۾ رابطا ڪميٽي جا ميراٿن سيشنَ ٿيا. جن ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏو گڏ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جا ميمبر به شرڪت ڪندا رهيا. انهن سيشنن ۾ سمورن ممڪنه حق پرست اميدوارن جي نالن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، انهن جي ميرٽ ۽ ڊي ميرٽ تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ پوءِ انهن جي نالن جي باري ۾ ڳجهي ووٽنگ به ڪرائي وئي. ووٽنگ ۾ ڪنهن به ميمبر جي حمايت ۾ سو سيڪڙو ووٽ نه آيا پر وسيم اختر ۽ ڊاڪٽر ارشد وهره کي ٻين سمورن ميمبرن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ مليا جنهن جي روشني ۾ رابطا ڪميٽي فيصلو ڪيو  ته ڪراچي جي ميئر جي لاءِ وسيم اختر ۽ ڊپٽي ميئر جي لاءِ ڊاڪٽر ارشد وهره ايم ڪيو ايم جا نامزد اميدوار هوندا. رابطا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي نامزد حق پرست اميدوارن کان حلف وٺڻ جي لاءِ  ڪالھھ بروز اربع تي شام جو 5 وڳي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ باقائده حلف برداري ٿيندي ۽ نامزد اميدوارن کان ڪراچي جي عوام جي خدمت کي اوليت ڏيڻ، عوام ۽ شهري مسئلن جي حل جي لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ ۽ تحريڪ جي اصولن ۽ نظم و ضبط جي پابندي ڪرڻ جو حلف ورتو ويندو حلف برداري جي تقريب ۾ سمورا چونڊيل نمائندا، سمورن شعبن جا ميمبر، سمورن سيڪٽرن ۽ يونٽن جا ڪارڪن ۽ ذميوار ۽ عوام شرڪت ڪندا. رابطا ڪميٽي پنهنجي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر ۽ ڊپٽي ميئر، ضلعي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن، سمورين ڪميٽين جي چيئرمينن، يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرنن جي ڪارڪردگي تي پارٽي جي طرفان ڪڙي نظر رکي ويندي ۽ جيڪي به ميمبر عوام جي صحيح طريقي سان خدمت ڪرڻ ۽ پنهنجا فرض صحيح طريقي سان انجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهندا ته انهن کان فوري طور تي استعيفٰي وٺي ڪري انهن جي جڳھھ تي ڪنهن ٻئي اهل ۽ فرض شناس نمائندي کي سامهون آندو ويندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين گذريل هڪ هفتي کان جاري ڊگهن اجلاسن ۾ تفصيلي غور ۽ بحث مباحثي کان پوءِ ڪيل رابطا ڪميٽي جي  فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. رابطا ڪميٽي ۽ سي اي سي پنهنجن اجلاسن ۾ وسيم اختر ۽ ڊاڪٽر ارشد وهره کي ڪراچي جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر نامزد ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪندي ان توقع جو اظهار ڪيو ته ٻئي ميمبر پوري ايمانداري سان ڪراچي جي عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪندا ۽ ڪراچي کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ويزن جي مطابق هڪ جديد ۽ ترقي يافته شهر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا. رابطا ڪميٽي ڪارڪنن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي اجلاس ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.
*****

5/14/2024 7:01:39 AM