Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اوڀر پاڪستان جي سانحي مان حڪمرانن کي سبق حا صل ڪري ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اوڀر پاڪستان جي سانحي مان حڪمرانن کي سبق حا صل ڪري ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/15/2015
اوڀر پاڪستان جي سانحي مان حڪمرانن کي سبق حا صل ڪري ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اوڀر پاڪستان سانحي جي سمورن شهيدن کي جناب الطاف حسين جي طرفان خراج عقيدت پيش.
لنڊن: 15 ڊسمبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اوڀر پاڪستان سانحو ملڪ جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي ۽ ان سانحي مان پاڪستان جي حڪمرانن کي سابق حاصل ڪري ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. 16 ڊسمبر يومِ سقوط ڍاڪا جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين اوڀر پاڪستان سانحي جي سمورن شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته 16 ڊسمبر 1971 تي پاڪستان جي ٽٽڻ جو سبب بنگالي عوام سان لڳاتار ناانصافيون ۽ زيادتيون  هو. انهن فرمايو ته ان دردناڪ سانحي ۾ لکين بي گناھ ماڻهو هلاڪ ٿيا ۽ پاڪستان جي ڪم عقل وارن حڪمرانن جي ڪوتاهين جي ڪري اهو سانحو پيش آيو هو. انهن فرمايو ته اوڀر پاڪستان سانحي جا زخم اڄ به تازه آهن. ان جي ڪري باقي بچيل ملڪ جي مضبوطي ۽ سالميت جي لاءِ سمورين قومن جي احساس محرومي جو خاتمو ڪرڻ تمام ضروري آهي ۽ انهن کي بينادي حق به ڏنا وڃن. جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته ملڪ جي مضبوطي ۽ سالميت جي لاءِ اڄ ملڪ اهو تقاضا ڪري رهيو آهي ته نوان صوبا بڻايا وڃن ۽ تعصب ۽ نفرتن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ماضي جي غلطين جو ازالو ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راھ تي وڌو وڃي. 
*****

5/14/2024 12:40:48 AM