Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

17 ڊسمبر تي ڪراچي ڊپلومينٽ اٿارٽي آفيسر ڪلب جي سالانه اليڪش جي سلسلي ۾ يونائيٽڊ پينل جي اميدوارن جو ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي زير اهتمام تعارفي پروگرام جو انعقاد.


17 ڊسمبر تي ڪراچي ڊپلومينٽ اٿارٽي آفيسر ڪلب جي سالانه اليڪش جي سلسلي ۾ يونائيٽڊ پينل جي اميدوارن جو ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي زير اهتمام تعارفي پروگرام جو انعقاد.
 Posted on: 12/14/2015
17 ڊسمبر تي ڪراچي ڊپلومينٽ اٿارٽي آفيسر ڪلب جي سالانه اليڪش جي سلسلي ۾ يونائيٽڊ پينل جي اميدوارن جو ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي زير اهتمام تعارفي پروگرام جو انعقاد.
ڪراچي: 14 ڊسمبر 2015 
                     17 ڊسمبر تي ڪراچي ڊپلومينٽ اٿارٽي آفيسر ڪلب جي ٿيندڙ سالانه اليڪشن برائي 2015-16  جي سلسلي ۾ يونائيٽڊ پينل جي اميدوارن جو تعارفي پروگرام ڪي ڊي اي سوڪ سينٽر ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ ڪي ڊي اي جي آفيسرن عزيز عالم عباسي، شيخ ڪليم، سيد حامد حسين رضوي، صادق علي، جمال الدين، سيد حسين، مهران ويلفيئر جي صدر زاهد حسين ستو ۽ مزدور يونين جي صدر سعيد احمد خان کان علاوه ٻين به يونائيٽڊ پينل جي حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر عادل خان، سيد امين الحق ۽ ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي انچارج اسد ڪاظمي کان علاوه ٻيا به موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر عادل خان حمايت ڪرڻ وارن آفيسرن جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ٿورو مڃيندي چيو ته 17 ڊسمبر جو ڏينهن حق پرستن جي فتح جو ڏينهن هوندو. انهن چيو ته ملازم طبقو ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جو ضامن آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملازم طبقي جي جائز حقن جي لاءِ هميشه آواز بلند ڪئي ۽ انهن کي ليبر ڊويزن جي صورت ۾ پليٽ فارم به فراهم ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر سيد امين الحق چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه ميرٽ ۽ تعليم جي ڳالھھ ڪئي آهي ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو آهي. انهن چيو ته جيڪي ماڻهو دعوٰي ڪن پيا ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي چڪي آهي انهن کي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي فتح کي ياد رکڻ گهرجي. انهن چيو ته اهي ادارا جيڪي ڪرپشن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهن ڇا انهن کي سنڌ سيڪريٽريٽ نظر نه ٿو اچي ؟ انهن مطالبو ڪيو ته رينجر کي صرف ڪراچي تائين محدود نه رکيو وڃي بلڪه ان جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وڌايو وڃي. تقريب کي ليبر ڊويزن انچارج اسد ڪاظمي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي پروگرام مان ثابت ٿي ويو آهي ته 17 ڊسمبر تي يونائيٽڊ پينل جي فتح يقيني آهي. انهن حمايت ڪرڻ وارن سمورن آفيسرن جو ٿورو به مڃيو. 
*****

5/13/2024 1:53:28 PM