Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پيپلز پارٽي جا ڪجھھ بيوروڪريٽ پڪڙيا ويا آهن ته پي پي ان تي احتجاج ڇو ڪري رهي آهي؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .


پيپلز پارٽي جا ڪجھھ بيوروڪريٽ پڪڙيا ويا آهن ته پي پي ان تي احتجاج ڇو ڪري رهي آهي؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
 Posted on: 12/13/2015
پيپلز پارٽي جا ڪجھھ بيوروڪريٽ پڪڙيا ويا آهن ته پي پي ان تي احتجاج ڇو ڪري رهي آهي؟ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .
ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن تي قائم علي شاھ، پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ ٻين اڳواڻڻ جا بيان ريڪارڊ تي موجود آهن ته رينجر جون ڪاروائيون بلڪل صحيح آهن.
ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي گڊ گورننس جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ 20 صوبا بڻايا وڃن.
مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي جي خوشي ۾ لانڍي ۾ منعقد ڪيل جشن فتح جي اجتماع کي خطاب.
لنڊن: 13 ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ هن مهل تائين ته رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيل آپريشن، نائن زيرو تي هنيل ڇاپن ۽ ان جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي ڀرپور انداز ۾ حمايت ڪندي آئي آهي ۽ ان تي رينجر جون تعريفون به ڪندي آئي آهي. پر اڄ جڏهن ان جا لڳايل ڪجھھ بيوروڪريٽ پڪڙيا ويا آهن ته پيپلز پارٽي ان تي احتجاج ڪري رهي آهي؟ انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم لانڍي سيڪٽر جي زير اهتمام عمران خان شهيد پارڪ ۾ منعقد ڪيل جشن فتح جي اجتماع کي خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي جي ٻين علائقن وانگر لانڍي ۾ به رياستي ادارن جي سرپرستي ۾ حقيقي دهشت گردن جي ذريعي علائقي جي نوجوانن، بزرگن، امڙين ۽ ڀينرن کي اذيتون ڏنيون ويون. امڙين ۽ ڀينرن جي بي حرمتي ڪئي وئي. بي گناھ نوجوانن کي گرفتار ڪرايو ويو ۽ عوام تي ناقابل برداشت ظلم ڪيا ويا. پر انهن ظلمن،بدمعاشين ۽ غنڊه گردين جو نوٽس نه ته قومي سلامتي جي وڏن وڏن ادارن ورتو ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ ورتو. پر جڏهن انسان ظالمن کان حساب وٺڻ جي قابل نه رهي ۽ حڪمران به لنوائڻ لڳن ته پوءِ الله تعالٰي  جو قانون حرڪت ۾ اچي ٿو ۽ اهو مظلومن جي دلين ۾ اهڙي جرت ۽ برداشت پيدا ڪري ٿو جو دنيا جي تمام تر ظلمن ، طعنن ۽ زيادتين جي باوجود اهي ثابت قدم رهن ٿا. انهن فرمايو ته اليڪشن واري ڏينهن به لانڍي ۾ حقيقي جا دهشت گرد غنڊه گرديون ڪندا رهيا. رينجر جي موجودگي ۾ اسان جي ساٿين کي رتو رت ڪندا رهيا. امڙين ۽ ڀينرن جون بي حرمتيون ڪندا رهيا پر الله سائين جو ڪرم آهي ته لانڍي جي ڪارڪنن، امڙين ۽ ڀينرن علائقو نه ڇڏيو. اهي ڄميل رهيا ۽ وڏي مڙسي سان سموري بدمعاشي کي منھھ ڏيندا رهيا.  جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن انسان زمين تي اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي خدا سمجهڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي هر عمل کي جائز ۽ ٻين تي ٿيندڙ ظلمن کي به جائز سمجهڻ لڳي ٿو ۽ مظلومن جي ٻڌڻ وارو ڪوئي به نه ٿو رهي ته پوءِ قدرت جو قانون حرڪت ۾ اچي ٿو ۽ پوءِ وڏا وڏا فرعون ۽ نمرود به رک جو ڍير بڻجي وڃن ٿا. انهن فرمايو ته چيو ويو هو ته پاڪ فوج جي مرڪزن، مسجدن، امام بارگاهن، مزارن ۽ عوامي هندن تي حملا ڪرڻ وارن طالبان ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي“ جيٽ بليڪ ” جي خلاف آپريشن ٿيندو. پر عوام چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته 2013 کان وٺي ڪري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. انهن کي لاپتا ڪيو ويو. انهن واقعن تي سنڌ جي وزير اعلٰي قائم علي شاھ، پي پي جي وزيرن ۽ ٻين اڳواڻڻ جا بيان ريڪارڊ تي موجود آهن ته رينجر جون ڪاروائيون بلڪل صحيح آهن. آپريشن ڏوهارين جي خلاف ٿي رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جو احتجاج غلط آهي.پر جڏهن نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ويو اتان ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون ويون. ته ان کي به سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻڻ  درست ۽ جائز قرار ڏنو پر اڄ جڏهن پيپلز پارٽي جا لڳايل ڪجھھ بيوروڪريٽ پڪڙيا ويا آهن ته پي پي ان تي احتجاج ڪري رهي آهي. انهن فرمايو ته پي پي کي ته ان تي رينجر کي شاباش ڏيڻ گهرجي پر اها ان تي اعتراض ڇو ڪري رهي آهي؟ جناب الطاف حسين مڪاني اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي لانڍي جي ڪارڪنن ۽ عوام کي زبردست واڌايون پيش ڪندي فرمايو ته ان ڪاميابي ۾ لانڍي جي ڪارڪنن، عوام، امڙين، ڀينرن ۽ بزرگن جو وڏو حصو آهي. جنهن تي مان انهن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. لانڍي جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي الطاف حسين جا چاهڻ وارا آهن. جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالھھ کي ورجائيندي فرمايو ته ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي گڊ گورننس جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. انهن فرمايو ته لانڍي جي ڪارڪنن ۽ عوام کي به پنهنجين ايندڙ نسلن جي بقا ۽ بهتر مستقبل جي لاءِ پنهنجي صوبي جي قيام جي لاءِ جدوجهد ۽ قربانين جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. ان موقعي تي هڪ ميوزيڪل پروگرام به منعقد ڪيو ويو.

5/13/2024 2:09:23 PM