Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لياقت علي خان جي شهادت جي وقت انهن جي پاڪستان ۾ ڪائي به ملڪيت نه هئي ۽ انهن جو بينڪ بيلنس به صرف 12 روپيا هو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


لياقت علي خان جي شهادت جي وقت انهن جي پاڪستان ۾ ڪائي به ملڪيت نه هئي  ۽ انهن جو بينڪ بيلنس به صرف 12 روپيا هو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 12/12/2015
لياقت علي خان جي شهادت جي وقت انهن جي پاڪستان ۾ ڪائي به ملڪيت نه هئي  ۽ انهن جو بينڪ بيلنس به صرف 12 روپيا هو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
لياقت علي خان جا والد نواب رستم علي خان هندستان جي تمام وڏي شخصيت هئا ۽ انهن کي رڪن الدين دوله شمشير جنگ جو خطاب به مليل هو.رابطا ڪميٽي.
اهڙي شخصيت تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندي وقت قائم علي شاھ کي شرم اچڻ گهرجي ها.
ڪراچي: 12 ڊسمبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي بيان تي تبصرو ڪندي انهن جي بيان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان وزير اعلٰي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا لياقت علي خان جا والد  نواب رستم علي خان هندستان جي تمام وڏي شخصيت هئا ۽ انهن کي رڪن الدين دوله شمشير جنگ جو خطاب به مليل هو ۽ اهي هندستان جا وڏا جاگيردار به هئا پر لياقت علي خان ڪڏهن به پنهنجي والد جي ان زمين کي ڪليم نه ڪيو ۽ ان جي بدلي ۾ پاڪستان ۾ ڪائي به زمين حاصل نه ڪئي. رابطا ڪميٽي چيو ته لياقت علي خان جي شهادت جي وقت انهن جي پاڪستان ۾ ڪائي به ملڪيت نه هئي ، جڏهن جو انهن جو بينڪ بيلنس به صرف 12 روپيا هو ۽ جڏهن لياقت علي خان کي غسل ڏنو ويو ته انهن جي جسم تي پاتل گنجي به ڦاٽل هئي. اهڙي ايماندار ۽ ديانتدار شخص ۽ قومي اڳواڻ تي ڪرپشن جو الزام هڻڻ سراسر احسان فراموشي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته لياقت علي خان 1946 جي اليڪشن ۾ هندستان جي مرڪزي ساز مجلس جا ميمبر به چونڊيا ويا هئا ۽ انهي اليڪشن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح به ميمبر چونڊيا ويا هئا. رابطا ڪميٽي چيو ته اهڙي شخصيت تي جنهن جو ماضي ۽ حال هڪ کليل ڪتاب وانگر هجي انهن تي ڪرپشن جا الزام هڻندي وقت وزير اعلٰي قائم علي شاھ کي شرم اچڻ گهرجي ها. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ کي چيو ته اهي لياقت علي خان تي بي بنياد الزام هڻڻ تي قوم کان معافي وٺن.
*****

5/14/2024 2:17:02 AM