Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزيراعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي طرفان قائد اعظم جي تمام ويجهي ساٿي ۽ پاڪستان جي پهرين وزير اعظم خان لياقت علي خان جي دور کي ڪرپٽ دور قرار ڏيڻ قابل مذمت آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت.

 Posted on: 12/12/2015

لنڊن: 12 ڊسمبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي ان بيان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ انهن تحريڪ پاڪستان جي عظيم اڳواڻ ، قائد اعظم محمد علي جناح جي تمام ويجهي ساٿي ۽ پاڪستان جي پهرين وزير اعظم خان لياقت علي خان جي دور کي ڪرپٽ دور قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته قائم علي شاھ جو اهو بيان انهن جي متعصبانه ۽ نفرت انگيز سوچ جو مظهر آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گھٽ آهي. انهن چيو ته اها ڳالھھ انتهائي افسوسناڪ آهي ته قائم علي شاھ پنهنجي حڪومت جي تمام گهڻي ڪرپشن تي شرمسار ٿيڻ ۽ ان جي روڪٿام ڪرڻ  جي بجاءِ ان جو جواز پيش ڪري رهيا آهن ۽ ان جي لاءِ اهي لياقت علي خان جي دور کي ڪرپٽ دور ۾ شامل ڪري رهيا آهن. حالانڪه لياقت علي خان پنهنجي دور ۾ ايمانداري ۽ ديانتداري جون جيڪي مثالون قائم ڪيون هيون اهي اڄ به تاريخ جو حصو آهن. لياقت علي خان پيپلز پارٽي جي اڳواڻڻ وانگر قومي دولت کي نه لٽيو هو بلڪه جڏهن انهن جي ميت کي غسل ڏيڻ جي لاءِ انهن جا ڪپڙا لاٿا ويا ته انهن جي گنجي به ڦاٽل هئي. نديم نصرت چيو ته قائم علي شاھ شهيد ملت لياقت علي خان جي دور کي ڪرپٽ قرار ڏيئي ڪري انهن جي قربانين ۽ مثالي ڪردار جي توهين ڪئي آهي جنهن تي انهن کي معافي وٺڻ گهرجي.
*****

5/13/2024 9:03:51 PM