Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پرامن احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام سان تشڪر جو اظهار.


پرامن احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام سان تشڪر جو اظهار.
 Posted on: 11/26/2015
پرامن احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام سان تشڪر جو اظهار.
ايم ڪيو ايم هڪ پرامن، جمهوري ، لبرل ۽ روشن خيال جماعت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 26 نومبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين جي خلاف ايم ڪيو ايم جي تحت پرامن احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جو دل سان شڪريو ادا ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن ، جمهوري ، لبرل ۽ روشن خيان جماعت آهي جيڪا بلٽ جي بجاءِ بيلٽ جي ذريعي فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ٻن سالن کان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي زندگي تنگ ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو، سيڪٽرن، يونٽن ۽ اليڪشن آفيسن تي غير قانوني ڇاپا ۽ گرفتاريون روز  جو معمول بڻجي ويون آهن ۽ سرڪاري مشينري  جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي مڪاني  اليڪشن جي سرگرمين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان غير قانوني ڇاپن، گرفتارين ۽ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن سرگرمين ۾ رڪاوٽون بيهارڻ جي خلاف حق پرست عوام ۽ ڪارڪنن پرامن ۽ عظيم الشان ريلي جو انعقاد ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجن حقن جي لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد تي يقين رکي ٿي ۽ ڪنهن سان به تڪرار نه ٿي چاهي. پر حڪومت، انتظاميه ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن تي به لازم آهي ته اهي به حق پرست عوام جي خلاف ظلم جو سلسلو بند ڪري ڇڏين ۽ ايم ڪيو ايم کي مڪمل آزادي سان سياسي ۽ اليڪشن جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏين. انهن فرمايو ته رياستي ظلمن ۽ ڏاڍ سان ايم ڪيو ايم کي پرامن جمهوري جدوجهد کان روڪي نه ٿو سگهجي. ان جي ڪري اختيار رکندڙ ڌرين کي گهرجي ته اهي ايم ڪيو ايم کي حاصل عوامي مينڊيٽ جو نه صرف احترام ڪن بلڪه ان کي کليل دل سان تسليم به ڪن. جناب الطاف حسين ظلم جي خلاف احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ذميوارن، ڪارڪنن، همدردن، مهاجرن، پنجابين، بلوچن، پختونن ، سرائيڪين، ڪشميرين ۽ هزاري وال سميت مختلف عقيدن ۽ مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جو دل سان شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن کي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين مختصر نوٽس تي پرامن احتجاجي ريلي جي انعقاد تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي، شعبن جي ذميوارن، اسيمبلي ميمبرن، يونٽ ۽ سيڪٽرن جي ذميوارن کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. 
*****

4/26/2024 1:42:11 PM