Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اسان جي پرامن سياسي جدوجهد تي پابندي عائد ڪئي پئي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اسان جي پرامن سياسي جدوجهد تي پابندي عائد ڪئي پئي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 10/6/2015
ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اسان جي پرامن سياسي جدوجهد تي پابندي عائد ڪئي پئي وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
رات رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن شهر جي مختلف علائقن مان 9 بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 6 آڪٽوبر 2015 
              ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي رياستي ظلم ۽ ڏاڍ جو تسلسل قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾  رابطا ڪميٽي چيو ته رات شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن عامر مصطفٰي، 108 جي ڪارڪن آصف 105 جي ڪارڪن عمران، سابق حق پرست ڪائونسلر ۽ يونٽ 105 جي ئي ڪارڪن اظفر، يونٽ 107 جي جوائنٽ انچارج نديم رائو، لائينز ايريا سيڪٽر 197 جي ڪارڪن محمد يعقوب، ڪورنگي يونٽ 71 جي ڪارڪن محمد عامر خان ۽ ملير سيڪٽر يونٽ 97 جي ڪارڪن نويد احمد کي گرفتار ڪري انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ان هنڌ تي پهچي چڪو آهي جو ڇاپي جي وقت جيڪڏهن ڪارڪن َ گهرن تي نه ٿا ملن ته انهن جي گهر وارن کي ۽ عورتن کي خوف زده  ڪيو وڃي ٿو ۽ رات به ائين ئي ٿيو جو شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 105 جي ڪارڪن  صارف جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ۽ انهن جي گهر تي موجود نه هجڻ تي رينجر وارا انهن جي نوجوان پٽ کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ ٻين اعلٰي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرائين ۽ بي گناھ ڪارڪنن جي رهائي جا فوري طور تي حڪمَ جاري ڪن. 
*****


4/25/2024 11:24:30 PM