Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پر ان جي اهميت کي نظر انداز ڪيو ويو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.


ڪراچي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري  رهيو آهي پر ان جي اهميت کي نظر انداز ڪيو ويو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 2/24/2015
ڪراچي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري  رهيو آهي پر ان جي اهميت کي نظر انداز ڪيو ويو ته ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ونگ جي طرفان وهيل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏنل استقباليي کي خطاب.
ڪراچي؛ 24 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ملڪ ۾ هر شهري کي برابري جي سطح تي حق فراهم ڪيا وڃن ته پاڪستان کي ٻيهر ترقي يافته ۽ ايشين ٽائيگر بڻائي سگهجي ٿو. جيڪي خصوصي ماڻهو زندگي جي هر شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا ته پوءِ انهن کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ به نمائندگي ڏيڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ونگ جي طرفان وهيل چيئر ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن جي انتظاميه ۽ رانديگرن کي نيپال جي خلاف ونٽر ڪپ 2015 ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي ڏنل استقباليي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پي ڊبليو ڊي ونگ جو انچارج عدنان سرور، وهيل چيئر ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن جو صدر ذيشان تقي ۽ ٻيا به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ملڪ جي هر شهري کي بااختيار بڻائي ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهجن ٿيون ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ باصلاحيت ماڻهن جي ڪمي نه آهي پر پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي فيصلا ڪري اسان ملڪ کي پٽتي ڌڪي رهيا آهيون. انهن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ جاگيردار ۽ وڏيرا خصوصي ماڻهن کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ آڻڻ کان خوفزده آهن پر جناب الطاف حسين پاڪستان جا واحد سياسي رهنما آهن جن خصوصي ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجن عوامي نمائندن کي هدايت ڪئي آهي. انهن چيو ته ڪراچي پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ شهر جي اهميت کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي ڪري نه ٿو سگهي.ان موقعي تي ميمبر قومي اسيمبلي ڪشور زهرٰي،نائله لطيف، ذيشان تقي ۽ ٻين به تقريب کي خطاب ڪيو. ان کان اڳ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻين ٽيم کي نائن زيرو آمد تي خوش آمديد چيو ۽ انهن جي حوصله افزائي به ڪئي.

4/26/2024 2:25:35 PM