Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست اسيمبلي ميمبرن جو جناح اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال جو دورو. انهن نوري آباد وين حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي.


حق پرست اسيمبلي ميمبرن جو جناح اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال جو دورو. انهن نوري آباد وين حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي.
 Posted on: 2/23/2015
حق پرست اسيمبلي ميمبرن جو جناح اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال جو دورو. انهن نوري آباد وين حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي.
ڪراچي؛ 23 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي اسيمبلي ميمبرن سفيان يوسف، ارتضٰي فاروقي ۽ افتخار عالم نوري آباد مسافر وين حادثي جي زخمين جي جناح اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال ۾ جناب الطاف حسين جي طرفان عيادت ڪئي ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان همدردي جو پيغام به پهچايو. ان موقعي تي انهن وين حادثي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته نوري آباد جي مقام تي ان کان اڳ به سنگين ٽريفڪ حادثا ٿي چڪا آهن پر اڄ تائين ان هنڌ تي ڪوئي به اهڙو ادارو قائم نه ڪيو ويو آهي جتي متاثرن کي فوري طور تي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ انهن جي جانين کي بچائي سگهجي.انهن ان حادثي  ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهر وارن کي دلاسو به ڏنو، انهن ٽرانسپورٽ مالڪن کي اپيل ڪئي ته اهي مسافر بسن ۽ ويگنن ۾ گيس سلينڊرن جي بجاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جو استعمال ڪن. انهن صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ زخمين جو علاج معالجو سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي.

4/26/2024 10:15:49 PM