Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مدرسه حفصه جي مظلوم نياڻين کي بازياب ڪرائي انهن جي والدين جي حوالي ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مدرسه حفصه جي مظلوم نياڻين کي بازياب ڪرائي انهن جي والدين جي حوالي ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/23/2014
مدرسه حفصه جي مظلوم نياڻين کي بازياب ڪرائي انهن جي والدين جي حوالي ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وزيراعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي چيف کان جناب الطاف حسين جو مطالبو.
مدرسه حفصه جي پرنسپل ام حسان ۽ ملا عبدالعزيز والدين کي انهن جي نياڻين سان ملاقات جي اجازت نه ڏيئي رهيا آهن.
متاثره نياڻين، انهن جي والدين جا نالا ۽ ٻيون تفصيلات ايم ڪيو ايم وٽ محفوظ آهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 23 ڊسمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اقتدار ۽ اختيار رکندڙ ڌرين کان مطالبو ڪيو آهي ته مدرسه حفصه جي مظلوم نياڻين کي بازياب ڪرائي انهن کي انهن جي والدين جي حوالي ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي چيف جنرل رضوان اختر کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مون کي هڪ وڏي تڪليف ڏيندڙ، دردناڪ، حيرت انگيز ۽ فوري حل ڪرڻ واري واقعي جي اطلاع ملي آهي جنهن کي اوهان حضرات فوري طور تي حل ڪرائي سوين ڏکايلوالدين ۽ انهن جي معصوم نياڻين جي جان بچائي ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ سان گڏو گڏ الله تعالٰي جي خوشنودي به حاصل ڪريو.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان مظلوم ۽ پريشان  والدين جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي انهن جا نالا هتي نه ڏيئي رهيو آهيان، پر متاثره نياڻين ، انهن جي والدين جا نالا ۽ ٻيون تفصيلات به ايم ڪيو ايم وٽ محفوظ آهن. جناب الطاف حسين اقتدار ۽ اختياررکندڙ ڌرين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان اوهان نامور ۽ طاقتور حضرات سان گڏو گڏ پوري ملڪ خصوصن مدرسي جي مظلوم نياڻين جي والدين کي متوجه ڪري اها ڳالھ ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته موجوده حالتن جي ڪري جڏهن والدين مدرسه حفصه ۾ پنهنجين نياڻين سان ملاقات جي درخواست ڪئي ته مدرسي جي پرنسپل ام حسان ۽ ملا عبدالعزيز والدين کي انهن جي نياڻين سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مظلوم نياڻين ڪيترائي ڀيرا پنهنجن والدين کي فون ڪري ٻڌايو ته اهي اوهان سان ملاقات جي لاءِ جڏهن به مدرسي جي ذميوار ماڻهن يا ذميوار عورتن سان ڳالھ ڪن ٿيون ته نه صرف انهن کي ملاقات جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي بلڪه سنگين نتيجن جون ڌمڪيون به ڏنيون وڃن ٿيون ته جيڪڏهن توهان پنهنجي والدين سان ملڻ جي ذري برابر به ڪوشش ڪئي يا توهان جي والدين توهان سان ملاقات جي لاءِ اعلٰي سطح تي رپورٽ ڪئي ته اسان توهان جو اهو حشر ڪنداسين جو توهان سڄي زندگي ياد رکندو ۽ توهان جون ست نسلون به ياد رکنديون. انهن وڌيڪ فرمايو ته مظلوم نياڻين جا والدين پنهنجين نياڻين سان ملڻ جي لاءِ تڙپي رهيا آهن ۽ اهي روئي روئي پنهنجين نياڻين سان ملڻ جي لاءِ پاراتا ڏيئي رهيا آهن. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي سربراھ جنرل رضوان اختر کان مطالبو ڪيو ته مظلوم نياڻين کي مدرسه حفصه کان فوري طور تي بازياب ڪرائي انهن جي والدين جي حوالي ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا، انساني حقن جي انجمنن ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن کي به درخواست ڪئي ته اهي به مدرسه حفصه جي نياڻين جي بازيابي جي لاءِ آواز احتجاج بلند ڪن ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪري ثواب حاصل ڪن.

5/1/2024 2:00:40 PM