Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

موسٰي ڪالوني ڪراچي ۾ فرقي وارانه دهشت گردي جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


موسٰي ڪالوني ڪراچي ۾ فرقي وارانه دهشت گردي جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/23/2014
موسٰي ڪالوني ڪراچي ۾ فرقي وارانه دهشت گردي جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 23 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي موسٰي ڪالوني ۾ فرقي وارانه دهشت گردي جي واقعي ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ڪارڪن سميت ٻن ماڻهن جي هلاڪت جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ فرقي وارانه دهشت گردي جا واقعا مسلسل جاري آهن.انهن فرمايو ته موسٰي ڪالوني ۾ هڪ دڪان تي دهشت گردن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ فقه جعفريه سان تعلق رکڻ وارا ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا جن مان مطاهر حسين ۽ عون محمد شهيد ٿا جڏهن ته مطاهر حسين ايم ڪيو ايم ناظم آباد گلبهار سيڪٽر جا ڪارڪن به هئا.جناب الطاف حسين ان فرقي وارانه واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته طالبانائزيشن وانگر فرقي وارانه دهشت گردي به ملڪ جو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن جي روڪٿام ڪرڻ به ضروري آهي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي سربراھ جنرل رضوان اختر کان مطالبو ڪيو ته طالبان دهشت گردن وانگر شدت پسند عناصر جي خلاف به سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.جناب الطاف حسين مطاهر حسين جعفري شهيد۽ عون نقوي شهيد جي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي ٻنهي شهيدن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.آمين .

5/1/2024 8:23:43 AM