Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اعتزاز احسن جو بيان حقيقت جي خلاف ۽ دهشت گردن ۽ انهن جي حمايت ڪندڙن جي حوصله افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق.


اعتزاز احسن جو بيان حقيقت جي خلاف ۽ دهشت گردن ۽ انهن جي حمايت ڪندڙن جي حوصله افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق.
 Posted on: 1/23/2014

اعتزاز احسن جو بيان حقيقت جي خلاف ۽ دهشت گردن ۽ انهن جي حمايت ڪندڙن جي حوصله افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق.

ميان عتيق جو پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن جي طرفان لال مسجد جي متعلق جناب الطاف حسين جي ڏنل موقف تي ڏنل بيان تي تبصرو.

ڪراچي؛ 23 ڊسمبر 2014

            متحده قومي موومينٽ پنجاب جي صدر ميان عتيق پي پي پي جي سينيٽر اعتزاز احسن جي طرفان لال مسجد جي متعلق جناب الطاف حسين جي طرفان ڏنل موقف تي ڏنل بيان تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اعتزاز احسن جو اهو بيان جنهن ۾ انهن چيو آهي ته جناب الطاف حسين جوش خطابت ۾ لال مسجد ڪيرائڻ جي ڳالھ ڪئي آهي”بلڪل حقيقت جي خلاف ۽ دهشت گردن ۽ انهن جي حمايت ڪندڙن جي حوصله افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. ميان عتيق چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته جيئن اعتزاز احسن جناب الطاف حسين جي 19 ڊسمبر واري خطاب کي ٻڌو ئي نه آهي. جنهن ۾ انهن قرآن پاڪ جي سوره المنافقون جو حوالو ڏيئي ڪري مسجد ضرار جي حوالي سان دليلن سان ڳالھ ڪئي آهي. ميان عتيق چيو ته جناب الطاف حسين مسجد ضرار وانگر لال مسجد کي ڪيرائڻ ۽ جامعه حفصه کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين هميشه دليلن سان ڳالھ ڪئي آهي ۽ جن کي ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي اهي ماڻهو ان کي جوش خطاب سان تعبير ڪن ٿا.انهن چيو ته جيڪي ماڻهو اجلاسن ۾ صحيح نموني سان قرآن پاڪ جي تلاوت به نه ٿا ڪري سگهن اهي جناب الطاف حسين جي طرفان بيان ڪيل قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديث مبارڪن تي تبصرو ڪري رهيا آهن، ان جي ڪري سينيٽر اعتزاز احسن ان قسم جا بيان ڏيڻ کان اڳ جناب الطاف حسين جي خطابن کي غور سان ٻڌن ۽ پوءِ انهن تي تبصرو ڪن.


5/1/2024 9:11:58 AM