Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق ، خيبرپختونخواھ جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف ۽ پنجاب جي ٻين سينيئر ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 1/23/2014
ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق ، خيبرپختونخواھ جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف ۽ پنجاب جي ٻين سينيئر ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن کي فوري طور تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين جو وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ جنرل رضوان اختر کان پرزور مطالبو.
لنڊن؛ 23 ڊسمبر 2014 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن کي ملندڙ ڌمڪين تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ جنرل رضوان اختر کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن کي فوري طور تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي .پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن کي چونڊي چونڊي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، گذريل ڇهن مهينن جي دوران پنجاب جي ٽن رهنمائن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ سينيئر رهنما محترمه طاهره آصف، سيالڪوٽ ضلع جو نائب صدر بائو محمد انور ۽ چنيوٽ ضلع جو سينيئر نائب صدر اصغر عباس جعفري شامل آهن پر هن مهل تائين ڪنهن به شهيد
2
جي قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل هڪ هفتي کان ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق، ايم ڪيو ايم خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف ۽ پنجاب جي ٻين رهنمائن کي کليل ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنمائن ، حق پرست سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن پنجاب حڪومت جي ڪابينا جي ميمبرن کان بار بار مطالبو ڪيو ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي پر وعدن جي باوجود پنجاب حڪومت لنوائي رهي آهي ۽ هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي رهنمائن کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ڪارڪن يا رهنما کي خدانخواسته ڪوئي نقصان پهتو ته پوري ملڪ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. جنهن جي تمام تر ذميواري پنجاب حڪومت تي لاڳو ٿيندي.جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته ميان عتيق ، بيرسٽر محمد علي سيف ۽ پنجاب جي ٻين رهنمائن کي فوري طور تي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ جنرل رضوان اختر کان پرزور اپيل ڪئي ته مان پنجاب حڪومت جي غفلت جي ڪري اوهان کي پرزور درخواست ڪريان ٿو ته جڏهن حڪومت انهن رهنمائن کي سيڪيورٽي فراهم نه ٿي ڪري ته پوءِ اوهان ايم ڪيو ايم جي انهن رهنمائن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪريو.

5/1/2024 9:49:59 AM