Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون سيڪٽر ڊي جي ڪارڪن سيد مجتبٰي حسن جي دردناڪ شهادت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار


 Posted on: 10/15/2014
ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون سيڪٽر ڊي جي ڪارڪن سيد مجتبٰي حسن جي دردناڪ شهادت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛15 آڪٽوبر2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون سيڪٽر ڊي جي ڪارڪن سيد مجتبٰي حسن جي دردناڪ شهادت جي سخت ترين لفظن ۾ مذت ڪئي آهي ۽ سيد مجتبٰي حسن جي ٻارن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سيد مجتبٰي حسن کا فائرنگ ڪري شهيد ڪرڻ ۽ ان جي ٻارن کي زخمي ڪرڻ وارن وحشي دهشت گردن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب  الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.جناب الطاف حسين فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ شهيد جي معصوم ٻارن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.



4/26/2024 6:18:06 AM