Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينٽرل جيل ڪراچي ۾ سرنگ کوٽڻ وارن دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي خراج تحسين پيش.


 Posted on: 10/15/2014
سينٽرل جيل ڪراچي ۾ سرنگ کوٽڻ وارن دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي خراج تحسين پيش.
لنڊن؛ 15 آڪٽوبر2014
          ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد انور، محمد اشفاق، طارق جاويد ۽ مصطفٰي عزيز آبادي طالبان جي طرفان ڪراچي ۾ وڌندڙ دهشت گردي جي سرگرمين تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان بروقت ۽ مثبت ڪاروائي ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين گذريل ڪيترن ئي سالن کان طالبان جي سرگرمين ۽ خدشن جو اظهار ڪندا آيا آهن، پر ان انتهائي اهم مسئلي کي بيهوده انداز ۾ ڪچرو سمجهي ڪري ڪچري جي ڍير ۾ وجهي ڇڏيو ويو هو ۽ گذريل سالن ۾ صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتن طالبان جي دهشت گردي جي يلغار کي روڪڻ جي لاءِ ذري برابر به قدمَ نه کنيا. ان غفلت ۽ لاپروائي جو نتيجو گذريل ڏينهن افسوسناڪ خبر جي صورت ۾ سامهون آيو، جڏهن طالبان دهشت گردن پنهنجن دهشت گرد ساٿين جي مدد جي لاءِ جيل تائين پهچڻ جي لاءِ سرنگ کوٽي رهيا هئا ۽ پنهنجي ٽارگيٽ کان صرف ڪجھ ميٽر ئي پري رهجي ويا هئا، پر الله سائين جو شڪر آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي حڪام فوري طور تي ڪاروائي ڪندي دهشت گردي جي هڪ وڏي حادثي کان بچائي ورتو. رابطا ڪميٽي جي ميمبرن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ڪاروائي ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.
 

4/25/2024 5:17:13 PM