Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن جي 24 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي .
        متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن جي 24 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت و سلام عقيدت پيش ڪيو ويو. 
Read More    Posted on: 26 May 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ مولانا محمد طيب طاهري جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات.
         جماعت اشاعت توحيد سنت پاڪستان جي امير ۽ ممتاز مذهبي اسڪالر مولانا محمد طيب طاهري رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي حق پرست صوبائي وزير رئوف صديقي به موجود هئا،انهن پنهنجي جماعت جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. 
Read More    Posted on: 26 May 2014
ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن محمد اشفاق قريشي جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ سوين ڪارڪنن ۽ ذميوارن جي شرڪت.
        متحده قومي موومينٽ جي شهيد ڪارڪن محمد اشفاق قريشي جي جنازي نماز مين ڪورنگي روڊ تي ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، سيف يارخان ، عادل خان، ميان عتيق ، حق پرست ميمبرن ،ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي 
Read More    Posted on: 26 May 2014
ماڻهن جنهن محبت ۽ يڪجهتي جو مون سان اظهار ڪيو آهي ان تي مان انهن جو ٿورائتو آهيان. جناب الطاف حسين.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين انتهائي مختصر نوٽس تي ڪراچي ۾ بي مثال ۽ تاريخي ريلي جو انعقاد ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي *
Read More    Posted on: 26 May 2014
حق پرست شهيدَ تحريڪ جو قيمتي سرمايو آهن، جن باطل قوتن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائڻ جي بجاءِ پنهنجين قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري تحريڪ کي جِلا(روشني) بخشي آهي.جناب الطاف حسين.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سانحه پڪا قلعه حيدرآباد جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم حق پرست شهيدن جي قربانين کي هرگز به رائيگان وڃڻ نه ڏيندي.
Read More    Posted on: 26 May 2014
جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عوامي سمنڊ اٿلندو ته تباهي نه بلڪه تعميري تبديلي ضرور آڻيندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
        متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بنيادي حقن کي سلب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ايم اي جناح روڊ تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ جمع ٿيندڙ عوامي سمنڊ اٿلندو ته تباهي نه بلڪه  تعميري تبديلي ضرور آڻيندو، ڇو ته اهو ڪوئي سونامي نه آهي بلڪه اهو تبديلي جو سمنڊ آهي . 
Read More    Posted on: 25 May 2014
ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين جي قتل تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
         متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين کي اڻ ڄاتل هٿياربندن جي طرفان فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي سازش جو حصو قرار ڏنو آهي .
Read More    Posted on: 23 May 2014
ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي عباسي شهيد اسپتال يونٽ جي ڪارڪن معين الدين جي دردناڪ شهادت تي وڏي ڏک ۽  افسوس جو اظهار ڪيو آهي 
Read More    Posted on: 23 May 2014
سڄي ملڪ جو مزدور طبقو 25 مئي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ يڪجهتي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ان کي ڪامياب بڻائي. ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي اپيل.
          متحده قومي موومينٽ ليبر ڊويزن جي انچارج ڪاظم رضا سڄي ملڪ جي مزدور طبقي کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 25 مئي تبت سينٽر ڪراچي ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ يڪجهتي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ان کي ڪامياب بڻائين،ڪاظم رضا چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه ملڪ جي غريب، ڏتڙيل ۽ مزدورطبقي جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ آواز بلند ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 23 May 2014
سابق حق پرست صوبائي وزير وسيم اختر جي وڏي ڀيڻ نجمه الطاف جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
     ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وسيم اختر جي وڏي ڀيڻ محترمه نجمه الطاف مرحومه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. 
Read More    Posted on: 23 May 2014
سينيئر اينڪر پرسن ڊاڪٽر دانش جي والده محترمه جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار ۽ صحتيابي جي لاءِ دعا.
 متحده قومي مووممينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سينيئر اينڪر پرسن ڊاڪٽر دانش جي والده محترمه جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ دعا ڪئي آهي ته الله تعالٰي انهن کي مڪمل صحت عطا فرمائي ۽ وڏي عمر عطا فرمائي. 
Read More    Posted on: 23 May 2014
حق پرست سينيٽر نسرين جليل جو پاڪستان سک برادري جي نگران سردار رميش سنگھ سان ٽيليفون تي رابطو.
           متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر نسرين جليل پاڪستان سک ڪائونسل جي نگران سردار رميش سنگھ سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ اندرون سنڌ خصوصن شڪارپور ضلع ۾ گردواري کي باھ ڏيئي ڪري ساڙڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو
Read More    Posted on: 23 May 2014
دهشت گردي جي روڪٿام جي لاءِ عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت هر هڪ گهٽي ۽ پاڙي ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اپيل.
       متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي دهشت گردي جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت هر هڪ گهٽي ۽ پاڙي ۾ چوڪيداري نظام قائم ڪن ۽ ويجلينس ڪميٽيون تشڪيل ڏيئي ڪري عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ قومي فرض انجام ڏين. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان هن وقت اندرين ۽ ٻاهرين خطرن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ وڏي نازڪ دور کان گذري رهيو آهي ، فوج شمالي وزيرستان ۾ انتها پسند دهشت گردن سان نڀرڻ جي لاءِ جاني قربانيون ڏيئي رهي آهي ، دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي جي ڪري دهشت گردن جي طرفان دهشت گردي جي ڪاروائين جا خطرا وڌي ويا آهن.

Read More    Posted on: 23 May 2014
ايم ڪيو ايم ڪينيدا جو 25 مئي تبت سينٽر تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٿيندڙ اظهار يڪجهتي ريلي جو ڀرپور خيرمقدم.
 متحده قومي موومينٽ ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان ۾ وسندڙ محروم ۽ مظلوم طبقي جي عوام جي واحد اميد آهن ۽ سڄي ملڪ جون قومون ، مذهبن ۽ طبقي جا ماڻهو جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد آهن ۽ ايم ڪيو ايم ڪينيڊا25 مئي بروز آچر تي  پاڪستان ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ ريلي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي، انهن خيالن جو اظهار انهن ٽورنٽو ۾ ڪينيڊا جي ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. 
Read More    Posted on: 22 May 2014
ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
       متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ دهشت گردي ۽ قتل و غارتگري جي مسلسل واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدمَ کنيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۾ بي گناھ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي 
Read More    Posted on: 22 May 2014
Items 2581 to 2595 of 2634