Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
ايم ڪيو ايم جيو ۽ جيئڻ ڏيو تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جيئو ۽ جيئڻ ڏيو تي يقين رکي ٿي، اسان تمام قومن ۽ نسلي و لساني اڪائين جو احترام ڪريون ٿا ۽ انهن جي حقن کي تسليم
Read More    Posted on: 11 Jun 2014
نواب خير بخش مري جي وفات سان پاڪستان هڪ وڏي رهنما کان محروم ٿي ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بزرگ بلوچ رهنما نواب خير بخش مري جي وفات تي دلي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته نواب خير بخش مري پوري زندگي محروم ۽ مظلوم بلوچ عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي
Read More    Posted on: 11 Jun 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي يوسف شاهواڻي نواب خير بخش مري جي تڏي تي وڃي ڪري انهن جي سوگوار پونئرن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت ڪئي.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ حق پرست ميمبر يوسف شاهواڻي اربع جي ڏينهن بلوچ قوم پرست رهنما خير بخش مري جي وفات تي انهن جي تڏي تي وڃي ڪري
Read More    Posted on: 11 Jun 2014
منهنجي گرفتاري تي ڪارڪنن ۽ عوام پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين .

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي گرفتاري تي ڪارڪنن ۽ عوام جلاءٌ گهيراءٌ جي بجاءِ پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج رجسٽرڊ ڪرائي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري چڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند جماعت آهي ۽ اها عدم تشدد تي يقين رکي ٿي، انهن فرمايو ته ماناهو ئي چاهيندس ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ پرامن طريقي سان جدوجهد جاري رکندا
Read More    Posted on: 11 Jun 2014
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ، شعبن جي ميمبرن ۽ خاص طور تي اي پي ايم ايس او جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن سان ڳالھ ٻولھ، اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي.
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اڱاري جي رات ڪراچي ۾ نائن زيرو تي فون ڪري اتي موجود رابطا ڪميٽي، شعبن جي ميمبرن ۽ خاص طور تي اي  پي ايم ايس او جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي .ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ۽ تمام ذميوارن جناب الطاف حسين کي يوم تاسيس جي مبارڪباد پيش ڪئي. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي ڪري
Read More    Posted on: 11 Jun 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان فون تي ڳالھ ٻولھ، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.


          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ن ليگ جي رهنما سردار اياز صادق کي فون ڪري ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي پوري قيادت جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو. اياز صادق جناب الطاف حسين کي انهن جي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته مصيبت ڪنهن تي به اچي،اسان کي مصيبت جي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي بيهڻ گهرجي.   قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان فون تي ڳالھ ٻولھ، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. لنڊن؛ 8 جون 2014           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ن ليگ جي رهنما سردار اياز صادق کي فون ڪري ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي پوري قيادت جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو. اياز صادق جناب الطاف حسين کي انهن جي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته مصيبت ڪنهن تي به اچي،اسان کي مصيبت جي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي بيهڻ گهرجي.انهن جناب الطاف حسين کي انهن جي گرفتاري جي موقعي تي وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان رابطي جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جي قيام ۽ سفارتي ۽ قانوني تعاون جي لاءِ لنڊن ۾ پاڪستان جي قائم مقام هائي ڪمشنر کي ڏنل هدايتن ۽ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان پنهنجن رابطن جي تفصيلات کان به آگاھ ڪيو، اياز صادق جناب الطاف حسين کي چيو ته اوهان هڪ وڏي جماعت جا قائد آهيو ۽ پنهنجي جماعت جي لاءِ پلر آف يونٽي آهيو، اسان جي دعا آهي ته الله تعالٰي اوهان کي صحت و تندرستي عطا فرمائي. جناب الطاف حسين اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق سان ڳالھ ٻولھ ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف کي سلام چيو ۽ انهن جي طرفان ڪيل ڪوششن ۽ تعاون ڪرڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو، جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي اسان سڀني کي هڪ ٻئي کي تسليم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي وجود کي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي . اسان کي پاڪستان جي سلامتي و بقا ، ترقي و خوشحالي ۽ ملڪ ۾ اهڙي نظام جي قيام جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، جتي تمام مسلڪن ۽ مذهبن جي مڃڻ وارن پاڪستانين کي برابر جا حق ملي سگهن.
Read More    Posted on: 08 Jun 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سابق صدر جنرل پرويز مشرف ، سابق وزراء اعظم راجه پرويز اشرف، شوڪت عزيز ۽ چوڌري شجاعت حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ. حمايت جي لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو.

   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق صدر ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراھ جنرل پرويز مشرف، سابق وزير اعظم راجه پرويز اشرف، سابق وزير اعظم ۽ مسلم ليگ ق جي سربراھ چوڌري شجاعت حسين ۽ سابق وزير اعظم شوڪت عزيز کي فون ڪري حراست جي دوران انهن جي لاءِ آواز اٿارڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو
Read More    Posted on: 08 Jun 2014
رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي جناب الطاف حسين جي رهائي جي خوشي ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاھ شريف تي حاضري

          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد شاڪر علي باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي جي خوشي ۾ سيوڻ شريف ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار شريف تي حاضري ڏني.
Read More    Posted on: 08 Jun 2014
عوام ۽ ڪارڪنَ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي الله تعالٰي جي حضور شڪراني جا نفلَ ادا ڪن. رابطا ڪميٽي جي اپيل.

           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عوام ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي باني و قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي الله تعالٰي جي حضور شڪراني جا نفل ادا ڪن.
Read More    Posted on: 08 Jun 2014
سلامن جا پيغام موڪلڻ وارن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تشڪر جو اظهار.
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا کان مبارڪباد جا پيغام ۽ سلامَ موڪلڻ وارن سان دلي تشڪر جو اظهار ڪيو آهي
Read More    Posted on: 08 Jun 2014
مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ آرٽس ڪائونسل جي نمائنده وفد جي جناب الطاف حسين جي رهائي تي مبارڪباد.


مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ عهديدارن سان گڏجي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي سان ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي. حليم عادل شيخ چيو ته جناب الطاف حسين جي رهائي حق و سچ ۽ قانون ۽ انصاف جي فتح آهي ، انهن جناب الطاف حسين جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي . ان موقعي تي حيلم عادل شيخ جناب الطاف حسين جي رهائي جي خوشي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي مٽائي به کارائي.

انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ احمد سليم صديقي سان ملاقاتون ڪيون. جناب الطاف حسين جي رهائي حق ۽ سچ ، قانون ۽ انصاف جي فتح آهي. حليم عادل شيخ. ڪراچي؛ 8 جون 2014          مسلم ليگ ق سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ عهديدارن سان گڏجي نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدر عباس رضوي سان ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي. حليم عادل شيخ چيو ته جناب الطاف حسين جي رهائي حق و سچ ۽ قانون ۽ انصاف جي فتح آهي ، انهن جناب الطاف حسين جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي . ان موقعي تي حيلم عادل شيخ جناب الطاف حسين جي رهائي جي خوشي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي مٽائي به کارائي. اهڙي طرح ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز فاروقي ۽ سيڪريٽري احمد شاھ جي سربراهي ۾ هڪ نمائنده وفد نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد امين الحق ۽ احمد سليم 2 صديقي سان ملاقات ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي رهائي تي دلي خوشي جو اظهار ڪيو. اعجاز فاروقي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين جي رهائي سڄي ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي لاءِ اطمينان جو ڪارڻ بڻي آهي ۽ ان سان ماڻهن جي دلين کي  سڪون مليو آهي. رابطا ڪميٽي انهن جي خيالن کي ساراهيندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي واحد شخصيت آهن جن جي حراست کان پوءِ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکڻ وارو ماڻهو فڪر مند ڏسڻ ۾ آيو. جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته جناب الطاف حسين ڪروڙين عوام جي دلين جي ڌڙڪڻ آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي آهي . رابطا ڪميٽي آرٽس ڪائونسل جي وفد جو شڪريو ادا ڪيو ۽ جناب الطاف حسين جي لاءِ انهن جي نيڪ خيالن کي عقيدت ۽ محبت جو اظهار به قرار ڏنو. *****
Read More    Posted on: 08 Jun 2014
متحده قومي موومينٽ جي وفد جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ملاقات جي لاءِ لنڊن جي مقامي اسپتال جو دورو،

متحده قومي موومينٽ جو هڪ وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ملاقات جي لاءِ لنڊن جي مقامي اسپتال پهتو، وفد ۾ رابطا ڪميٽي جا ميمبرَ قاسم علي رضا، سينيٽر بابر غوري، رابطا ڪميٽي معاون اظهار احمد خان،
Read More    Posted on: 05 Jun 2014
جناب الطاف حسين جي جلد رهائي ۽ صحتيابي جي لاءِ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ شعبه خواتين جي زير اهتمام دعائيه اجتماع.

           متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي حراست ۾ وٺڻ ۽ انهن جي علالت تي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو
Read More    Posted on: 05 Jun 2014
جناب الطاف حسين جي حراست جي واقعي جي 24 ڪلاڪن جي اندر اندر پاڪستان جي حڪومت جي هڪ نمائندي کي لنڊن ۾ موجود هجڻ گهرجي ها.سابق وفاقي وزير رحمٰن ملڪ.


             پيپلز پارٽي جي رهنما ۽ سابق وفاقي وزير داخله رحمٰن ملڪ چيو آهي ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان جناب الطاف حسين جا به حقَ آهن، جناب الطاف حسين جي حراست جي واقعي جي 24 ڪلاڪن جي اندر اندر پاڪستان جي حڪومت جي هڪ نمائندي کي لنڊن ۾ موجود هجڻ گهرجي ها، انهن چيو ته هڪ هائي ليول جو وفد حڪومت پاڪستان برطانيه موڪلي جيڪو انهن کي جناب الطاف حسين جي طبي ڪيفيت کان آگاھ ڪري، انهن خيالن جو اظهار انهن نمائش چورنگي تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ ڌرڻي ۾ شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪيو. رحمٰن ملڪ جناب الطاف حسين کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان هتي نه آهيو پر اوهان جي چاهڻ وارن جو اهو پيار اوهان ڏسي رهيا هوندو،اوهان ڏسو ته اوهان جا چاهڻ وارا هتي جمع آهن ۽ اوهان سان
.
حڪومت هڪ هائي ليول جو وفد برطانيه موڪلي جيڪو انهن کي جناب الطاف حسين جي طبي ڪيفيت کان آگاھ ڪري. رحمٰن ملڪ. جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ نمائش چورنگي تي احتجاجي مظاهري جي شرڪاء کي خطاب. ڪراچي؛5 جون 2014            پيپلز پارٽي جي رهنما ۽ سابق وفاقي وزير داخله رحمٰن ملڪ چيو آهي ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان جناب الطاف حسين جا به حقَ آهن، جناب الطاف حسين جي حراست جي واقعي جي 24 ڪلاڪن جي اندر اندر پاڪستان جي حڪومت جي هڪ نمائندي کي لنڊن ۾ موجود هجڻ گهرجي ها، انهن چيو ته هڪ هائي ليول جو وفد حڪومت پاڪستان برطانيه موڪلي جيڪو انهن کي جناب الطاف حسين جي طبي ڪيفيت کان آگاھ ڪري، انهن خيالن جو اظهار انهن نمائش چورنگي تي جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ٿيندڙ ڌرڻي ۾ شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪيو. رحمٰن ملڪ جناب الطاف حسين کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان هتي نه آهيو پر اوهان جي چاهڻ وارن جو اهو پيار اوهان ڏسي رهيا هوندو،اوهان ڏسو ته اوهان جا چاهڻ وارا هتي جمع آهن ۽ اوهان سان 2 ڪيترو پيار ڪن ٿا، انهن چيو ته جناب الطاف حسين هڪ سياسي انسٽي ٽيوشن آهن ۽ انهن جون سڀ ڪوششون ۽ خدمتون جمهوريت جي لاءِ آهن اهي ڪنهن کان به لڪيل نه آهن ، انهن چيو ته ڏکيو وقت اچي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو پر ايم ڪيو ايم کي پنهنجي دوست ۽ دشمن کي سڃاڻڻ جو هڪ موقعو مليو آهي ، جناب الطاف حسين سان جڏهن اهو واقعو ٿيو انهي رات ٻي وڳي منهنجي الطاف ڀاءُ سان ڳالھ ٻولھ ٿي اهي بيمار هئا۽ انهن جي آواز ۾ به چنگھ هئي. سال ۾ ڪيترائي دفعا مان انهن سان مليو آهيان ،ٻه دفعا مان اسپتال ۾ ملي آيو آهيان اهي باهمت انسان آهن ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي پنهنجي طبيعت جي خرابي جو محسوس ٿيڻ نه ٿا ڏين، جنهن وقت انهن کي حراست ۾ ورتو ويو انهن جي ڄنڳھ جو آپريشن ٿيو هو ، مان انٽرنيشنل ڪميونٽي ۽ انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي باڊي کي چوڻ چاهيندس ته جيڪڏهن ڪوئي بيمار آهي ته انهن کي ڇوٽ ملندي آهي ۽ اها ڳالھ ڪنهن کان به لڪيل نه آهي ته جناب الطاف حسين بيمار آهن، مان پاڪستاني جي حيثيت سان گذارش ڪندس ته جناب الطاف حسين کي ميڊيڪل پوائنٽ آف ويو جي حساب سان ڇوٽ ملڻ گهرجي. انساني بنيادن تي جنگ ۾ دشمن به هجي ته ان جي قدر ڪئي ويندي آهي.جناب الطاف حسين کي ملزم چوڻ ٺيڪ نه آهي ،انهن چيو ته هتي ماڻهن جا جذبات ٿڌا آهن هتان جي ماحول ۾ ۽ يورپ جي ماحول ۾ وڏو فرق آهي جيڪڏهن جناب الطاف حسين کي ڪجھ ٿيو ته اهي ديوانا پوءِ وڌيڪ ديوانا ٿي نه وڃن، تفتيش جيڪا ٿيندي آهي ان ۾ پوليس وٽ پاور هوندو آهي ته اها گهر ۾ به هائوس اريسٽ ڪري سگهي ٿي، ضمانت به ڏيئي سگهي ٿي، مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته جنهن ڪيس ۾ سڀني کي سڏرايو ويو ۽ 24 ڪلاڪن ۾ سڀني کي بيل آئوٽ ڪري چڏيو ويو آهي پر جناب الطاف حسين سان نامناسب سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ان سوال جو جواب سڀ ڄاڻڻ ٿا . برطانيه جي حڪومت کي جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي جذبات جو خيال رکڻ گهرجي. انهن شرڪاء کي ٻڌايو ته منهنجي آخري ڀيرو جڏهن جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ٿي هئي ته انهن فرمايو هو ته ڪجھ عالمي طاقتون انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ چاهين ٿيون. ان موقعي تي رحمٰن ملڪ جناب الطاف حسين جي رهائي جي لاءِ نعرا به هڻرايا جن جو شرڪاء پرجوش انداز ۾ جواب ڏنو.
Read More    Posted on: 05 Jun 2014
مختلف سياسي شخصيتن جو ايم ڪيو ايم جي رهنمائن سان ٽيليفون تي رابطو.

         پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراھ ڊاڪٽر طاهر القادري ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر بابر غوري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، ڊاڪٽر طاهر القادري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين کي حراست ۾ وٺڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين ڪروڙين عوام جا رهنما آهن، عوام انهن سان عقيدت ۽ محبت رکن ٿا، لحاظه انهن جي معاملي ۾ انصاف جا تمام تقاضا پورا ڪيا وڃن. ڊاڪٽر طاهر القادري جناب الطاف حسين جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي .

Read More    Posted on: 05 Jun 2014
Items 2551 to 2565 of 2634