Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
وزير اعظم ميان محمد نواز شريف قوم کي اعتماد ۾ وٺن ته جيئن دنيا ۾ اهو تاثر نه وڃي ته فوج اهو آپريشن پاڻ ئي شروع ڪري چڏيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
       متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي اها آئيني ، قانوني، اخلاقي ۽ هڪ آزاد ملڪ جي سربراھ جي حيثيت سان ذميواري بڻجي ٿي ته وزيرستان ۾ شروع ڪيل دهشت گردن جي خلاف آپريشن جي شروعات کان پهرين يا شروعات کان فورن بعد ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي قوم کي هنگامي خطاب ڪرڻ گهرجي ها ۽ اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته دهشت گردن جا حملا هاڻي ناقابل برداشت ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي خلاف آپريشن ضرروي ۽ ناگزير ٿي چڪو آهي،
Read More    Posted on: 16 Jun 2014
اي پي ايم ايس او جي يوم تاسيس جي اجتماع ۾ جناب الطاف حسين جي مامي محترمه ڪوثر يوسف مرحومه ۽ تمام شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ فاتحه خواني، ملڪ جي بقا و سلامتي ، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ دعا به ڪئي.
ايم ڪيو ايم برطانيه جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي اجتماع جي موقعي تي ممتاز شخصيت حافظ مسرور قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي مامي محترمه ڪوثر يوسف مرحومه ، جناب الطاف حسين جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد، ڀائٽي عارف حسين شهيد،ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد سميت تمام حق پرست شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪرائي.
Read More    Posted on: 15 Jun 2014
دهشت گردن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جو آغاز تمام سٺي ڳالھ آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وفاقي حڪومت جي هدايت تي اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جي آغاز جو خير مقدم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته موجوده حڪومت جي هدايت تي فوج اتر وزيرستان ۾ دهشت گردن جي خلاف باقائده فوجي آپريشن جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي اسان ان تي وفاقي حڪومت ۽ فوج جي تمام ذميوارن ۽ هڪ هڪ جوان کي يقين ڏياريون ٿا ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم ئي نه بلڪه قوم جو ٻچو ٻچو ايستايئن جو امڙيون ۽ ڀينرون به فوج سان گڏ آهن.انهن فوج جي طرفان ڪيل فوجي آپريشن جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي دهشت گردن سان نڀرڻ جي لاءِ فوج جي غيب سان مدد فرمائي. انهن فرمايو ته مان هڪ
Read More    Posted on: 15 Jun 2014
دهشت گرد ۽ پاڪستان گڏ هلي نه ٿا سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته دهشت گرد ۽ پاڪستان گڏ هلي نه ٿا سگهن، جيڪڏهن دهشت گرد رهيا ته( خدا خير ڪري) پاڪستان نه رهندو ۽ پاڪستان رهندو ته دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻو پوندو.جيڪڏهن دهشت گردن جو پوري ملڪ تي قبضو ٿي ويو ته اهي ملڪ ۾ جڳھ  جڳھ تي ڪوس گهر ٺاهيندا جتي جانورن جي بجاءِ انسانن کي ذبح ڪيو ويندو. ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ آباد تمام امن پسند پاڪستاني پنهنجن فرضن کي سمجهندي پاڪستان کي بچائن. انهن خيالن جو اظهار انهن لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم برطانيه
جي زير اهتمام منعقد ڪيل اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو.
Read More    Posted on: 15 Jun 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪرپٽ ۽ فرسوده نظام جو خاتمو ڪري پاڪستان کي خودمختيار رياست بڻائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن. جنيد فهمي ۽ محمد ارشد حسين.
      متحده قومي موومينٽ جي آمريڪا ۾ قائم انٽرنيشنل يونٽ جي زير اهتمام اي پي ايم ايس او جو 36 هون يوم تاسيس يوم عزم جي طور تي  وڏي جذبي سان آمريڪا جي 16 شهرن ۾ ملهايو ويو. ايم ڪيو ايم آمريڪا جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ اجتماعن ۾ آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي، جوائنٽ آرگنائيزر محمد ارشد حسين ۽ ٻين کان علاوه آمريڪا ۾ مقيم پاڪستاني ڪميونٽي جي ماڻهن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
Read More    Posted on: 13 Jun 2014
شب برات جي موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ انجنيئر ناصر جمال سان گڏجي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جو پاپوش نگر قبرستان سميت شهر جي ٻين قبرستانن جو دورو
         متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن،رابطا ڪميٽي ۽ ٻين شب برات جي موقعي تي شهداء قبرستان ۽ پاپوش نگر قبرستان سميت ڪراچي جي مختلف قبرستانن جو دورو ڪيو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي والدين، وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد، ڀائٽي عارف حسين شهيد ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيدسميت تمام حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني. 
Read More    Posted on: 13 Jun 2014
ڪياماڙي جي ڪڇي برادري ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي جي وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات سڄي دنيا جي مظلوم ماڻهن جي دعائن جي صدقي دنيا جي ڪائي به طاقت جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي نظرئي کي ختم ڪري نه ٿي سگهي.رابطا ڪميٽي ميمبر نثار احمد پنهور.

 ڪياماڙي سان تعلق رکندڙ ڪڇي برادري جي فلاحي اداري ڪڇي ڪميونٽي ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي جي وفد سابق ڪائونسلر و صدر ڪڇي ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي نور محمد جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر نثار احمد پنهور ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي انچارج فرخ اعظم سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي ۽ برطانيه ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي مبارڪباد پيش ڪئي.
Read More    Posted on: 13 Jun 2014
ڪراچي يونيورسٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي وفد جو اليڪشن 2014 ۾ ڪاميابي کان پوءِ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ عادل خان سان ملاقات
         ڪراچي يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن برائي اليڪشن 2014 ۾ ڪاميابي کان پوءِ گذريل ڏينهن انصاف پسند گروپ جي نمائنده وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ عادل خان سان ملاقات ڪئي . 
Read More    Posted on: 13 Jun 2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي يوم تشڪر ۽ اي پي ايم ايس او جي 36 هين يوم تاسيس جي سلسلي ۾ 14 جون بروز ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم يوڪي جي زير اهتمام اجتماع منعقد ڪيوويندو.
     متحده قومي موومينٽ يوڪي جي زير اهتمام 14 جون بروز ڇنڇر تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي رهائي تي يوم تشڪر ۽ اي پي ايم ايس او جي 36 يوم تاسيس جي سلسلي ۾ هڪ اجتماع منعقد ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 13 Jun 2014
پورو پاڪستان دهشت گردي جي گهيري ۾ آهي ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ پوري قوم کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پورو پاڪستان هن وقت دهشت گردي جي گهيري ۾ آهي ۽ ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ ڪنهن هڪ جماعت جي وس جي ڳالھ نه آهي بلڪه پوري قوم کي ان جي خلاف اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.انهن اها ڳالھ پاڪستان علماء ڪائونسل جي سربراھ حافظ طاهر اشرفي سان ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گردن پاڪستان جي خلاف جنگ ڇيڙي رکي آهي

Read More    Posted on: 13 Jun 2014
سابق صدر جنرل پرويز مشرف سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
        متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق صدر جنرل پرويز مشرف کي فون ڪري ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان انهن جو نالو ڪڍڻ جي عدالتي فيصلي تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 13 Jun 2014
سال 2014 پاڪستان جي لاءِ سخت، ڏکيو ۽ مشڪل هجڻ سان گڏو گڏ ميڪ ۽ بريڪ جو سال به ثابت ٿي سگهي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پاڪستان جي تمام محب وطن عوام کي رابطا ڪميٽي جي دردمندانه اپيل.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي تمام محب وطن ماڻهن کي مخاطب ڪندي انهن کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اڄ ملڪ جنهن نازڪ، ڏکين ۽ وڏي خوفناڪ صورتحال کان گذري رهيو آهي ، ان جي باري ۾ متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جو اهو بيان جيڪو 30 ڊسمبر 2013 جي رات تمام اخبارن ۾ جاري ڪيو ويو هو پر موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي رابطا ڪميٽي اهو سمجهي 
 
 
Read More    Posted on: 12 Jun 2014
ڪيترن ئي سالن کان بجيٽ پيش ڪيا پيا وڃن پر اهي عوامي مفادات وارا بجيٽ نه آهن. سردار احمد
           سنڌ اسيمبلي ۾ متحده قومي موومينٽ جي پارليماني ليڊر سيد سردار احمد چيو آهي ته بجيٽ ڪيترن ئي سالن کان پيش ڪيا پيا وڃن پر اهي عوامي مفادات وارا بجيٽ نه آهن، بيوروڪريسي هميشه اهڙا بجيٽ بڻايا آهن
Read More    Posted on: 12 Jun 2014
پاڪستان عوامي تحريڪ جي وفد جي صلاح الدين گنڊا پور جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي سان نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات.
          تحريڪ منهاج القرآن جي ناظم اعلٰي ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري صلاح الدين گنڊا پور جي سربراهي ۾ وفد رابطا ڪميٽي جي ميمبرن حيدر عباس رضوي، سيد امين الحق ۽ افتخار اڪبر رنڌاوا سان خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي
Read More    Posted on: 12 Jun 2014
سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان سابق صدر جنرل پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان خير مقدم.
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ هائي ڪورٽ جي طرفان سابق صدر جنرل پرويز مشرف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ ۽ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي درخواست کي منظور ڪرڻ جو خير مقدم ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 12 Jun 2014
Items 2536 to 2550 of 2634