Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
شهيد بيداري پنجاب، حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي مڙس آصف ۽ انهن جي فيملي کي قتل جون ڌمڪيون ملڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي “شهيد بيداري پنجاب” حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي مڙس آصف ۽ انهن جي فيملي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهيد بيداري پنجاب، محترمه طاهره آصف کي به قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنما عمر رياض عباسي، ٻين رهنمائن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون کليل ظلم آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت پاڪستان عوامي تحريڪ جي مرڪزي رهنما عمر رياض عباسي ۽ ٻين رهنمائن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته سانحه 17 جون جي ذميوارن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ موجوده حڪومت اسلام آباد سميت سڄي پنجاب ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهمنائن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري چڏيو آهي
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جي طرفان ڪيبل آپريٽرن کي خوفزده ڪرڻ ۽ چوڌري طاهر ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي طرفان ڪيبل آپريٽرن کي خوفزده ڪرڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتارين ۽ انهن جي آفيسن تي چاپا هڻڻ حڪومت جو کليل ظلم آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.

متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد ، راولپنڊي ۽ لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ پاڪستان عوامي تحريڪ جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي وڏي پيماني تي گرفتارين ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي آفيسن تي چاپن هڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي کليل حڪومتي ظلم قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ته حڪومت سانحه 17 جون ماڊل ٽائون جي ذميوارن کي گرفتار ڪري ها ۽ لاهور ۾ ظلم ڪرڻ وارن کي سزا ڏني وڃي
Read More    Posted on: 22 Jun 2014
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ وڙهي رهي آهي . ڊاڪٽر فاروق ستار.


            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بقا و سلامتي جي جنگ وڙهي رهي آهي ان جنگ ۾ اڄ ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف کي شهيد ڪيو ويو آهي. پر سڀاڻي جيڪڏهن اسان جي هڪ هڪ سينيٽر ۽ پارليامينٽ جي هڪ هڪ ميمبر کي به قتل ڪيو وڃي ته به اسان ان جنگ کان دستبردار نه ٿينداسين ۽ پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ دهشت گردن جو پاڪستان بڻجڻ نه ڏينداسين بلڪه رت جي آخري قطري تائين پاڪستان کي جناح جو اعتدال پسند ۽ غريبن جو پاڪستان بڻائي ڪري ئي دم وٺنداسين.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي لعل گرائونڊ
Read More    Posted on: 21 Jun 2014
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام شهيد بيداري پنجاب ،ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي ايصال ثواب جي لاءِ قرآن خواني و فاتحه خواني جو اجتماع 22 جون بروز آچر تي نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويندو.

            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام شهيد بيداري، پنجاب ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ايصال ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اجتماع 22 جون بروز آچر تي عصر کان مغرب تائين نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويندو.
Read More    Posted on: 21 Jun 2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي جي سربراهي ۾ وفد وزير اعلٰي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ سان ملاقات ڪئي.وفد نيشنل پارٽي جي مسيح ميمبر صوبائي اسيمبلي هينڊري مسيح جي قتل جي مذمت ڪئي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
متحده قومي موومينٽ جي وفد رابطا ڪميٽي ميمبر يوسف شاهواڻي جي سربراهي ۾ نيشنل پارٽي جي صدر ۽ وزير اعلٰي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان ڪوئيٽا
Read More    Posted on: 21 Jun 2014
ايم ڪيو ايم جي شهيد ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جو مرڪزي اجتماع لاهور ۾ منعقد ٿيو.

           متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد جي ٽيجهي جو مرڪزي اجتماع لاهور ۾ انهن جي رهائشگاھ فيڊرل لاجز متصل گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو.
Read More    Posted on: 21 Jun 2014
لاهور شهر ۾ عورت اسيمبلي ميمبر جو دردناڪ قتل صوبائي حڪومت جي گڊگورننس جي دعوائن تي سواليه نشان آهي.صدر آزاد ڪشمير سردار محمد يعقوب.
متحده قومي موومينٽ جي شهيد عورت اسيمبلي ميمبر طاهره آصف جي ٽيجهي ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار محمد يعقوب ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم چوڌري عبدالمجيد شرڪت ڪئي
Read More    Posted on: 21 Jun 2014
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي وفد سان گڏجي نواب چنگيز مري سان ملاقات ڪئي
        متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر يوسف شاهواڻي  وفد سان گڏجي ڪوئيٽا ۾ نواب خير بخش مري جي فرزند نواب چنگيز مري سان انهن جي رهائشگاھ تي ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خير بخش مري جي وفات تي انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو
Read More    Posted on: 21 Jun 2014
ايم ڪيو ايم جي شعبه خواتين جي زير اهتمام نائن زيرو تي شهيد ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي ياد ۾ محفل ميلاد ۽ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو.
ايم ڪيو ايم جي شعبه خواتين جي زير اهتمام نائن زيرو تي قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه طاهره آصف شهيد جي ياد ۾ ميلاد ۽ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ طاهره آصف شهيد جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني و فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ محترمه طاهره آصف کي زبردست خراج عقيدت و سلام عقيدت پيش ڪيو ويو.
Read More    Posted on: 20 Jun 2014
سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ جي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان ملاقات
پيپلز پارٽي اوورسيز جي صدر ۽ سابق وزير داخله سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ ٻين ميمبرن سان ملاقات ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي وحشياڻي قتل تي پيپپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين جناب آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي طرفان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
Read More    Posted on: 20 Jun 2014
قومي اسيمبلي ميمبر طاهره آصف شهيد جي شهادت تي ٽي ڏينهن سوڳ ملهايو ويندو. ايم ڪيو ايم جو اعلان.

            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لاهور ۾ وحشي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف جي شهادت جي واقعي تي ٽي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٽي ڏينهن سوڳ جي دوران ايم ڪيو ايم جون تمام سياسي و تنظيمي سرگرميون سوڳ ۾ معطل رهنديون ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ ڪارا جهنڊا لهرايا ويندا.
Read More    Posted on: 20 Jun 2014
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام سڄي ملڪ ۾ شهيد ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي ۽ دعائيه اجتماع منعقد ڪيا ويا.
ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي صوبائي ۽ زونل آفيسن ۾ محترمه طاهره آصف شهيد جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنهن ۾ ذميوارن ۽ حق پرست عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ محترمه طاهره آصف شهيد کي زبردست خراج عقيدت و سلام عقيدت پيش ڪندي انهن جي مغفرت ۽ درجات جي بلندي جي لاءِ دعائون ڪيون.
Read More    Posted on: 20 Jun 2014
متحده قومي موومينٽ جي ميمبر قومي اسيمبلي طاهره آصف شهيد کي لاهور جي شاھ ڪمال قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ٽيجهو 21 جون بروز ڇنڇر تي ٿيندو.
متحده قومي موومينٽ جي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف شهيد کي هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ لاهور جي شاھ ڪمال قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان کان اڳ شهيد جي جنازي نماز متصل گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي.
Read More    Posted on: 20 Jun 2014
Items 2491 to 2505 of 2634