Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارا پنهنجي قائد جي ڄمڻ جو ڏينهن وڏي شان سان ملهائيندا.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 9/14/2013
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارا پنهنجي قائد جي ڄمڻ جو ڏينهن وڏي شان سان ملهائيندا.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هڪ نظريي جو نالو آهي جيڪو اڄ ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي چڪو آهي. اشفاق منگي.
حيدرآباد ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي حوالي سان منعقد ڪيل شهداء حق ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۽ سيڪٽر ايڇ ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب.
حيدرآباد؛14 سيپٽمبر؛2014
            قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارا پنهنجي قائد جي ڄمڻ جو ڏينهن وڏي شان سان ملهائيندا.انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي افضال گرائونڊ لطيف آباد ۾ حيدرآباد زون جي زيراهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي 61 هين سالگره جي حوالي سان منعقد ڪيل شهداء حق ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اختتامي تقريب ۽ سيڪٽر ايڇ ۾ جهنڊي ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي جوائنٽ انچارج شبير قائم خاني، زونل انچارج
حيدرآباد نويد شمسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تمام طبقن جي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ اڄ انهن جي جدوجهد جي ڪري ئي ملڪ ۾ انقلاب ۽ تبديلي جون صدائون گونجي رهيون آهن. انهن چيو ته زنده قومون ڪڏهن به پنهنجي محسنن کي وسارينديون نه آهن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جي مظلومن جا وڏا محسن آهن ۽ اڄ سڄي شهر ۾ جناب الطاف حسين جي سالگره جي حوالي سان ٿيندڙ تقريبون پنهنجي محبوب قائد سان محبت جو اظهار آهن.رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي چيو ته جناب الطاف حسين هڪ نظريي جو نالو آهي جيڪو اڄ ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي چڪو آهي ۽ ان نظريي جي خلاف سازشون ڪرڻ وارا ملڪ و قوم جا دشمن آهن.تقريب کي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي به خطاب ڪيو.
*

4/24/2024 3:37:48 AM