Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه ڪوئيٽا جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي شهادت تي يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسان 14 آگسٽ تي ڪنهن به قسم جو جشن نه ملهائينداسين. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ذميوارن جي اجلاس ۾ فيصلو


سانحه ڪوئيٽا جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي شهادت تي يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسان 14 آگسٽ تي ڪنهن به قسم جو جشن نه ملهائينداسين. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ذميوارن جي اجلاس ۾ فيصلو
 Posted on: 8/8/2016 1
سانحه ڪوئيٽا جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ بلوچستان جي ماڻهن جي شهادت تي يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسان 14 آگسٽ تي ڪنهن به قسم جو جشن نه ملهائينداسين. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ذميوارن جي اجلاس ۾ فيصلو
لنڊن: 8 آگسٽ 2016 
                 متحده  قومي  موومينٽ جو هڪ گڏيل اجلاس ڪنوينر نديم نصرت جي سربراهي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چئني صوبن جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ننڍن وڏن شهرن کان علاوه ضلعن ۽ تعلقن جي ذميوارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ دردناڪ ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ ان ۾ وڪيلن ۽ صحافين سميت 70 کان وڌيڪ معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار به ڪيو ويو ۽ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جي ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني به ڪئي وئي ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته دهشت گردن پهرين بلوچستان بار جي صدر بلال ڪانسي کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ۽ پوءِ جڏهن انهن جي ميت سول اسپتال ڪوئيٽا کڻائي وئي ته اتي هڪ ڌماڪو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ درجنين سينيئر وڪيلن سميت 70 کان وڌيڪ معصوم ۽ بي گناھ ماڻهو شهيد ٿي ويا. شهيد ٿيندڙ وڪيلن ۾ ايم ڪيو ايم ڪوئيٽا زون جو سينيئر ڪارڪن سرفراز شيخ ايڊووڪيٽ به شامل آهي. جيڪي عام چونڊ ۾ ڪوئيٽا کان ايم ڪيو ايم جا اميدوار به رهي چڪا آهن. اجلاس ۾ گذريل ڏينهن سرڪاري حراست ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وحيد شيخ جي شهادت ۽ ان کان اڳ ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن جي لاءِ به فاتحه خواني ڪئي وئي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ ٿيندڙ دردناڪ سانحي تي پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار جي طرفان هڪ هفتي جي سوڳ جي مڪمل حمايت ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته انهن دردناڪ واقعن، بي گناھ ڪارڪنن ۽ بي گناھ مهاجرن ۽ اڄ جي خودڪش حملي ۾ بلوچستان جي بي گناھ ماڻهن جي شهادت تي اسان سڄي ملڪ جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي هيءَ 14 آگسٽ انتهائي سادگي سان ملهائينداسين. ان موقعي تي ڪنهن به قسم جو جشن نه ملهائينداسين ۽ اسان سمورين خوشين ۽ روشنين ڪرڻ جا پروگرام به منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪريون ٿا. ان ڏينهن شهيدن جي ايصال ثواب جي لاءِ هر هنڌ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ٿيندا. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ سرڪاري حراست ۾ تشدد ۽ زيادتين جي نتيجي ۾ ڪارڪنن جي قتلن جي واقعن جي به سخت مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ماضي وانگر هي آپريشن به ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ چيو ويو ته 2013 کان ڪراچي ۾ رينجر کي اختيار ڏيئي ڪري آپريشن ڪلين اپ جي اجازت ڏني وئي. 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي دردناڪ واقعي کان پوءِ وزير اعظم هائوس ۾ سياسي ۽ فوجي قيادت جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ جيٽ بليڪ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو ويو، پر ماضي وانگر 2013 جي رياستي آپريشن جو رخ به مهاجرن خصوصن ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري انهن تي ڪوڙا ڪيس بڻائي انهن کي 90 ،90 ڏينهن جي لاءِ رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. 2013 کانوٺي ڪري 2016 تائين ايم ڪيو ايم جي 61 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. 135 ڪارڪن ۽ ذميوار  هن مهل تائين لاپتا آهن. جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ ذميوار ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد جون تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن. ڪجھھ وقت اڳ ئي 3 مئي 2016 تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد کي به رينجر گرفتاري کان پوءِ وڏي بي دردي سان تشدد جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن رياض الحق جن کي هڪ سال اڳ رينجر انهن کي انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو هو، انهن کي به تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ انهن جي لاش 30 جون 2016 تي سرجاني ٽائون جي علائقي جي ڪانڊيرن مان ملي. ايم ڪيو ايم ڪارڪن وحيد شيخ کي به 17 مارچ 2016 تي شاھ فيصل ڪالوني جي يوسي آفيس کان رينجر گرفتار ڪيو هو ۽ حراست جي دوران انهن کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا. انهن جي حالت بگڙڻ کان پوءِ انهن کي جناح اسپتال کڻايو ويو جتي اهي 15 ڏينهن  داخل رهڻ کان پوءِ  الله سائين کي پيارا ٿي ويا. اجلاس ۾ چيو ويو ته سرڪاري حراست ۾ وحيد شيخ جي شهادت کليو قتل آهي ۽ جيڪي سرڪاري اهلڪار  ان جا ذميوار آهن انهن جي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختياري ڌرين کان مطالبو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري آپريشن بند ڪيو وڃي. آفتاب احمد، رياض الحق ۽ وحيد شيخ سميت ماورائي عدالت قتل ڪيل سمورن شهيد ڪارڪنن جي قتلن ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف قانون جي مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين به ان دردناڪ واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي بلند درجات جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي ۽ رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق به ڪئي.

4/19/2024 1:23:23 AM