Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ بلوچستان بار جي صدر بلال ڪانسي سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي شهادت تي وڏو ڏک آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت


ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ بلوچستان بار جي صدر بلال ڪانسي سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي شهادت تي وڏو ڏک آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
 Posted on: 8/8/2016 1
ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ بلوچستان بار جي صدر بلال ڪانسي سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي شهادت تي وڏو ڏک آهي. ايم ڪيو ايم ڪنوينر نديم نصرت
جشن آزادي انهي صورت ۾ ملهائي وڃي جو جڏهن ملڪ ۽ قوم کي دهشت گردي کان نجات حاصل ٿي وڃي.نديم نصرت
لنڊن: 8 آگسٽ 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان ڌماڪي ۾ بلوچستان بار جي صدر بلال ڪانسي سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي شهادت ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت ڪوئيٽا سانحي جي شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي طرفان ڪيل سوڳ جي حمايت جو اعلان به ڪيو . انهن چيو ته ملڪ ۾ دهشت گردي جي خلاف آپريشن ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي تحت ڪاروائين جي باوجود دهشت گردي جي دردناڪ واقعن ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ انهن سوالن جو حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي جواب ڏيڻو پوندو. انهن چيو ته ڪوئيٽا ۾ دهشت گردي جو جيڪو اسٽائل اپنايو ويو آهي.اهو طالبان ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جو اسٽائل آهي جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي کليل سرپرستي ۾ سرعام جهاد جي نالي تي چندو جمع ڪري رهيون آهن. انهن چيو ته وقت جو تقاضا آهي ته اسان کي ڪوڙ ۽ منافقت کان ڪم وٺڻ جي بجاءِ کلي عام تسليم ڪرڻ گهرجي ته معصوم انساني زندگين سان کيڏڻ وارا دهشت گرد ڪير آهن ۽ انهن دهشت گردن جي سرپرستي ڪير ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته هڪ طرف ته دهشت گرد معصوم شهرين کي رت ۾ وينجهاري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف جشن آزادي جون تياريون به عروج تي آهن، انهن چيو ته جشن آزادي انهي صورت ۾ ملهائي وڃي جو جڏهن ملڪ ۽ قوم کي دهشت گردي، مذهبي انتها پسندي  ۽ مذهبي جنونيت کان نجات حاصل ٿي وڃي. انهن چيو ته اسان جي ترجيح اها هجڻ گهرجي ته اسان پاڪستان جي اصل دشمنن جي نشاندهي ڪريون ۽ انهن ماڻهن تي آڱريون نه کڻون جيڪي پنهنجن حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن ڪوئيٽا سانحي ۾ دهشت گردي جو نشانو بڻجڻ وارن ماڻهن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ ان ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 

4/19/2024 3:08:37 AM