Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي سنگل آئوٽ ڪري آفيسن ۽ سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي لڳائي وئي آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا


ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي سنگل آئوٽ ڪري آفيسن ۽ سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي لڳائي وئي آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
 Posted on: 8/5/2016 1
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي سنگل آئوٽ ڪري آفيسن ۽ سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي لڳائي وئي آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا
پي ايس پي تي جهنڊي جي توهين ڪرڻ جو ڪيس هلايو وڃي، 
اهو ڪهڙو جادو جو ڏيئو آهي جو لاپتا ڪارڪن خيابان سحر کان بازياب ٿي رهيا آهن، ان جي انڪوائري ڪئي وڃي. شاهد پاشا جو مطالبو
ڪراچي پرييس ڪلب تي علامتي بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ
ڪراچي: 5 آگسٽ 2016 
                  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي سنگل آئوٽ ڪري آفيسن ۽ سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه ۽ غير جمهوري پابندي لڳائي وئي آهي اسان پنهنجا ڏک طاقتور حلقن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا ۽ اها بک 
هڙتال انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب تي بک هڙتالي ڪيمپ تي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر جاويد ڪاظمي، محفوظ يار خان، اڪرم راجپوت، گلفراز خان خٽڪ، سيد اشرف نور، محمد پاشا ۽ اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته اڄ علامتي بک هڙتالي ڪيمپ جو ٻئي ڏينهن آهي ۽ ان علامتي بک هڙتال جو مقصد ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۽ سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي  کي اجاگر ڪرڻ آهي. انهن چيو ته اسان کي سياسي پروگرام ڪرڻ نه ٿا ڏنا وڃن ۽ اسان جڏهن به پنهنجا پروگرام منعقد ڪريون ٿا ته اسان جي آفيسن جو گهيراءُ ڪيو وڃي ٿو ۽ گرفتاريون ڪيون وڃن ٿيون. انهن چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو هو ته ڪراچي آپريشن جيٽ بليڪ دهشت گردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرن جي خلاف ڪيو ويندو ان جي ڪري هاڻي اسان جو اهو سوال آهي ته گهيراءُ ڪري گرفتاريون ڪرڻ جو ڇا مقصد آهي؟  انهن چيو ته اسان پنهنجي ڌانهن ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن وٽ وڃون، موجوده وزير اعلٰي جي علم ۾ سڀ ڪجھھ آهي پر هن مهل تائين انهن کي فرصت ئي نه ملي آهي ته اهي سنڌ جي ٻئي وڏي جماعت جي تحفظات جو نوٽس وٺن، انهن چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪراچي ڏوهن جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي ۽ باقي سنڌ امن جو گڙھ آهي ان جي ڪري ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي. حالانڪه اندرون سنڌ ۾ ڪراچي کان وڌيڪ ڏوھ آهن ۽ اتي پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.پر اتي آپريشن نه ٿو ڪيو وڃي ڇو  جو اهي ڌاڙيل ۽ پاٿاريدار انهن پي پي وارن جا پنهنجا آهن. انهن چيو ته اسان پنهنجن  61 ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن کي  دفنائي چڪا آهيون ، 125 ڪارڪن اڃان تائين لاپتا آهن ۽ 18 سو ڪارڪن هن مهل تائين جيلن ۾ آهن ۽ جيلن ۾ انهن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي پي ايس پي ۾ شامل ٿي وڃن ته انهن جا سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا. انهن سپريم ڪورٽ ۽ هائي ڪورٽ جي ججن ، وزير اعظم، وزير اعلٰي سنڌ ۽ ادارن کان سوال ڪيو ته اسان جي لاپتا ڪارڪنن جن کي علائقي جا ايس ايڇ او، ڊي ايس پي. ايس پي ۽ آئي جي سپريم ڪورٽ ۽ هائي ڪورٽ جي واضع حڪمن جي باوجود بازياب نه ڪرائي سگهيا ته پوءِ اهو ڪهڙو جادو جو ڏيئو آهي جو اهي لاپتا ڪارڪن خيابان سحر مان بازياب ٿي رهيا آهن. انهن چيو ته اسان پنهنجن ڏکن کي هن بک هڙتال جي ذريعي طاقت ور حلقن تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. انهي جي ڪري اها علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي آپريشن جي تحفظات جي لاءِ شڪايات ازاله ڪميٽي بڻجي وڃي ها ته اڄ اسان کي اها بک هڙتال نه ڪرڻي پوي ها ۽ اسان پنهنجا سمورا مسئلا ان ڪميٽي جي اڳيان رکون ها.انهن چيو ته انهي ڪراچي ۾ هڪ سوشل ورڪر سبين محمود ۽ پروين رحمٰن جو قتل ٿي وڃي ٿو ۽ سانحه صفورا جو سانحو به ٿئي ٿو ۽ انهن واقعن ۾ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪيو وڃي ٿو پر بعد ۾ انهن واقعن جا ڏوهاري پڪڙيا وڃن ٿا ته انهن جو تعلق پابندي وڌل تنظيمن سان نڪري ٿو. انهن چيو ته ٽي وين تي هڪ سلائيٽ هلي ٿي ته هڪ سياسي جماعت جو ڪارڪن پڪڙيو ويو آهي ته ماڻهن جو فورن خيالن ايم ڪيو ايم ڏانهن وڃي ٿو پر ڇا لياري ۾ جيڪي ڏوهاري پڪڙيا وڃن ٿا، ڇا انهن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان نه آهي ۽ سانحه صفورا ۾ جيڪي دهشت پڪڙيا ويا هئا ڇا انهن جو تعلق هڪ مذهبي جماعت سان نه هو پوءِ انهن جماعتن جي آفيسن تي ڇاپا ڇو نه هنيا ويا.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اهو آپريشن ڪيو پيو وڃي. اين اي 246 کان وٺي ڪري هن مڪاني اليڪشن تائين سڄي دنيا ڏسي ورتو ته اسان جو ووٽ بينڪ وڌي رهيو آهي اهو ان جي ڪري جو ايڪيو ايم تي ظلم ٿيندي هر ماڻهو پنهنجين اکين سان ڏسي رهيو آهي. انهن چيو ته ادارن کي پنهنجي آپريشن کي انٽيليجنس بيس آپريشن بڻائڻ گهرجي ۽ انفارميشن آپريشن جي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. جيڪا معلومات اسان جا مخالف ڏين ٿا اها ايم ڪيو ايم جي بغض ۾ ڏين ٿا ۽ اهي ادارن کي سياسي اينجنڊي جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن. ان جي ڪري ادارا پنهنجي وقار جو خيال رکن. انهن چيو ته ڪراچي ۾ روز مقابلا ٿين ٿا پر توهان ڪڏهن اهو نه ٻڌو ۽ ڏٺو هوندو ته ڪنهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي گهر تي ڇاپي جي دوران ڪوئي پوليس مقابلو ٿيو هجي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پڙهيل لکيل ماڻهن جي جماعت آهي ۽ اها پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿي ان جي ڪري اسان جي خلاف اهي تعصب واريون ڪاروائيون فوري طور تي بند ڪيون وڃن ۽ اسان کي به جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته 2008 کان وٺي ڪري 2013 تائين جيڪي خرابيون پيدا ٿيون هيون انهن جا ذميوار موجود آهن ان جي ڪري انهن کي پڪڙيو وڃي ۽ انهن کان پچيو وڃي ته چائينا ڪٽنگ ۽ ڏاڍ جي زور تي قبضا ڪيئن ڪيا ويا.انهن ڏوراپو ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تي پاڪستان جو جهنڊو اسان ڪهڙي دل سان ڦڙڪايون ۽ پاڪستاني جهنڊي کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو وڃي۽ مان مطالبو ڪريان ٿو ته پي ايس پي تي جهنڊي جي توهين جو ڪيس هلايو وڃي. 

4/24/2024 3:07:30 PM