Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست مڪاني اميدوارن جي طرفان حلف کڻڻ کان پوءِ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي جناح گرائونڊ ۾ يادگار شهداء حق ۽ ياسين آباد ۾ شهيدن جي قبرن تي حاضري


 Posted on: 8/3/2016 1
حق پرست مڪاني اميدوارن جي طرفان حلف کڻڻ کان پوءِ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي جناح گرائونڊ ۾ يادگار شهداء حق ۽ ياسين آباد ۾ شهيدن جي قبرن تي حاضري
ڪراچي: 3 آگسٽ 2016 
                   حق پرست مڪاني اميدوارَ حلف کڻڻ کان پوءِ وڏي جلوس جي شڪل ۾ نائن زيرو پهتا. جتي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي انهن جو خير مقدم ڪيو ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي مبارڪباد به پيش ڪئي. ان کان پوءِ انهن رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏجي يادگار شهداء حق ۽ ياسين آباد جي شهداء قبرستان ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد، ڀائيٽي عارف حسين شهيد ۽ حق پرست شهيدن جي قبرن تي حاضري ڏني ۽ گلن جون چادرون به چڙهايون. ان موقعي تي انهن حق پرست شهيدن جي بلند درجات، انهن جي پونئرن جي لاءِ صبر جميل، اسير ڪارڪنن جي جلد رهائي، لاپتا ڪارڪنن جي حفاظت سان بازيابي، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ دعائون به ڪيون ويون. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي انهن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته حلف کڻڻ کان پوءِ انهن تي وڏي ذميواري عائد ٿي وئي آهي . انهن مڪاني نمائندن کي تلقين ڪئي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليمات جي مطابق عوام جي سچائي سان خدمت ڪن. 
*****

4/19/2024 6:49:24 AM