Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر، سي آئي ڊي ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


رينجر، سي آئي ڊي ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 7/17/2016
رينجر، سي آئي ڊي ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 17 جولائي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر، سي آئي ڊي ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ڪراچي جي مختلف علائقن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪ ڪالوني يوسي 7 جي فنانس سيڪريٽري عمران صديقي، لياقت آباد ٽائون يوسي 43 جي همدرد محمد حسيب، اورنگي ٽائون يوسي 28 جي ڪارڪن عبدالرشيد، لياقت آباد ٽائون يوسي 40 جي ڪارڪن اسد منصور، پي آئي بي ٽائون يوسي 13 جي ڪارڪن جمال الدين ۽ پي آئي بي ٽائون يوسي 13 جي ڪارڪن عبدالوهاب کي رينجر ۽ سي آئي ڊي جي اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ۽ انهن جون وفاداريون مٽائي ڪري انهن کي ڪمالو گروپ ۾ شامل ڪرايو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي آپريشن جو مقصد ڪراچي ۾ امن جو قيام نه بلڪه ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ آهي ۽ انهي سازشي منصوبي جي تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لاءِ الڳ ۽ لاڙڪاڻي جي لاءِ الڳ قانون رائج ڪيو ويو آهي. جيڪو بانيان پاڪستان جي اولادن سان کليل تعصب ۽ ٻٺو معيار آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف غير اعلانيه آپريشن به فوري طور  تي بند ڪرائين. 
*****

4/23/2024 1:09:53 AM