Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ترڪي ۾ جمهوريت پسند عوام جي قربانين جي ڪري ئي فوجي بغاوت ناڪام ٿي ۽ اها تمام جهموريت پسندن جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ترڪي ۾ جمهوريت پسند عوام جي قربانين جي ڪري ئي فوجي بغاوت ناڪام ٿي ۽ اها تمام جهموريت پسندن جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 7/17/2016
ترڪي ۾ جمهوريت پسند عوام جي قربانين جي ڪري ئي فوجي بغاوت ناڪام ٿي ۽ اها تمام جهموريت پسندن جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جيڪڏهن عوام اتحاد ۽ همت و جرت جو مظاهرو ڪن ته وڏي کان وڏي فوجي طاقت به پنهنجن ٽينڪن، هٿيارن ۽ بارود جي باوجود عوام جي سامهون بيهي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين
انساني حقن جي ممتاز اڳواڻ محترمه عاصمه جهانگير سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 17 جولائي 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ترڪي ۾ جمهوريت پسند عوام جي قربانين جي ڪري ئي فوجي بغاوت ناڪام ٿي ۽ اها سمورن جمهويت پسندن ۽ جمهوريت جي فتح آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن انساني حقن جي ڪميشن جي سابق سربراھ ۽ انساني حقن جي ممتاز اڳواڻ محترمه عاصمه جهانگير سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو.جناب الطاف حسين عاصمه جهانگير کي ترڪي جي بهادر عوام جي هٿان فوج جي عبرتناڪ شڪست تي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته ترڪي جي بهادر ۽ جرت مند عوام روڊن تي نڪري ڪري فوجي بغاوت کي جهڙي طرح سان ناڪام بڻايو آهي ۽ جمهوريت جي بقا جي لاءِ جهڙي طرح وڌي چڙهي ڪري قرباني ڏني آهي. ان پوري دنيا خصوصن سائوٿ ايشيا رينجن جي عوام کي اهو پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن عوام اتحاد ۽ جرت جو مظاهرو ڪن ته وڏي کان وڏي فوجي طاقت به پنهنجن ٽينڪن، هٿيارن ۽ بارود جي باوجود جمهوريت ۽ عوام جي سامهون بيهي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين 

فرمايو ته ترڪي ۾ جمهوريت جي فتح سڄي دنيا جي سمورن جمهوريت پسند ۽ پروگريسو ماڻهن ۽ انسانيت تي يقين رکڻ وارن جي فتح آهي ۽ اها آمريت جي خلاف نعرو هڻڻ وارن ۽ جدوجهد ڪرڻ وارن جي به فتح آهي ۽ ان سان پاڪستان ۽ هندستان کي به سبق ملندو ۽ ڪشمير جي مسئلي جو به حل نڪرندو ۽ انهن ماڻهن کي به سبق ملندو جيڪي پاڪستان ۾ فوج کي مداخلت جي دعوت ڏيئي رهيا آهن ۽ روڊن تي پوسٽر هڻي رهيا آهن. انهن فرمايو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ به اختياري ڌريون سبق سکن ها ته اڄ پاڪستان به متحد ۽ هڪ هجي ها ۽ پاڻ ۾ ورهايل نه هجي ها. جناب الطاف حسين محترمه عاصمه جهانگير کي چيو ته جمهوريت جي لاءِ اوهان جون به وڏيون قربانيون ۽ جدوجهد رهي آهي ۽ انشاء الله تعالٰي اوهان به اهو ڏينهن ڏسندو ته جڏهن جمهوريت کي ڪڇلڻ وارن جون فوجي ٽوپيون لاٿيون وينديون. انهن ان موقعي تي ممتاز انقلابي شاعر فيض احمد فيض جي مشهور نظم جا اهي شعرَ به پڙهيا.
هم ديکين گي، لازم هي ڪي هم بي ديکين گي
جب تاج اڇالي جائين گي، جب تخت گرائي جائين گي
جب راج ڪري گي خلق خدا ، جو مين بي هون اور تم بي هو
جناب الطاف حسين عاصمه جهانگير کي چيو ته اوهان پنهنجن جمهوريت پسند ۽ پروگريسو دوستن کي به منهنجي طرفان ترڪي ۾ عوام جي فتح تي مبارڪباد پيش ڪريو ۽ انهن کي منهنجو اهو به پيغام پهچايو ته اهي ڀلي ايم ڪيو ايم ۾ شامل هجن يا نه هجن پر اهي منهنجو پيغام ۽ نعرو ڏسن جيڪو اهو آهي ته پاڪستان صرف ٻه سيڪڙو مراعات يافته جاگيردارن، وڏيرن ۽ جنرلن جو نه آهي. بلڪه اهو مزدورن، هارين ۽ وچولي طبقي جو به آهي ان جي ڪري مراعات يافته طبقي کي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جو احترام ڪرڻ گهرجي. عاصمه جهانگير به جناب الطاف حسين کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته ترڪي جي عوام فوجي ٽينڪن جي سامهون ڄمي ڪري ۽ جرت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪري دنيا کي اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اهي ڀلي کاٻي ڌر وارا هجن يا ساڄي ڌر وارا هجن پر اهي جمهوريت سان گڏ آهن.
 *****

4/19/2024 12:16:34 AM