Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪ سرزمين ٽولي جو اڳواڻ مهاجرن جو کليل دشمن آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان


پاڪ سرزمين ٽولي جو اڳواڻ مهاجرن جو کليل دشمن آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان
 Posted on: 7/19/2016
پاڪ سرزمين ٽولي جو اڳواڻ مهاجرن جو کليل دشمن آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان
ڪراچي: 19 جولائي 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ سرزمين ٽولي جو اڳواڻ مهاجرن جو کليل دشمن آهي. جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي هٿان پنهنجو سودو ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ مهاجرن جي حقن جي جدوجهد کي ڪڇلڻ جي ايجنڊي جي تڪميل جي لاءِ پاڪستان آيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ مهاجر عوام چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته پاڪ سرزمين پارٽي نالي ٽولي جو اڳواڻ هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪيل ڪارڪنن جي لاءِ واڳون جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف رينجر کي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون لسٽون ۽ ايڊريسون ڏيئي ڪري انهن کي گرفتار ڪرائي رهيو آهي ۽ انهن کي سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ تشدد جو نشانو به بڻرائي رهيو آهي ته جيئن انهن کي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري مهاجرن جي خلاف ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجر جي هٿان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو ويندو رهيو پر پاڪ سرزمين ٽولي جو اڳواڻ دبئي ۾ ويهي ڪري عياشيون ڪندو رهيو، ان کي پوليس ۽ رينجر جي هٿان ڪراچي ۾ مهاجرن جون لاشون نظر نه آيون ۽ اڄ اهو اسٽيبلشمينٽ جي هٿان پنهنجو سودو ڪري مهاجرن ۽ انهن جي جماعت ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي ايجنڊي تي عمل ڪرڻ آيو آهي. ان شخص مير جعفر ۽ مير صادق کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اهو ٽولو ڀلي ڪيتري ئي سازش ۽ ڪيترائي ئي هٿڪنڊا استعمال ڪري وٺي پر اهو پنهنجن ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿو سگهي.
*****

4/19/2024 5:19:00 PM