Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سيد شعيب بخاري مرحوم جي ننڍي ڀاءُ فضيل بخاري سان فون تي تعزيت


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سيد شعيب بخاري مرحوم جي ننڍي ڀاءُ فضيل بخاري سان فون تي تعزيت
 Posted on: 7/19/2016
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي سيد شعيب بخاري مرحوم جي ننڍي ڀاءُ فضيل بخاري سان فون تي تعزيت
تحريڪ جي لاءِ شعيب بخاري جون وڏيون قربانيون آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 19 جولائي 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ممتاز اڳواڻ سيد شعيب بخاري ايڊووڪيٽ جي وفات تي مرحوم جي ننڍي ڀاءُ فضيل بخاري سان فون تي تعزيت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فضيل بخاري سان تعزيت ڪندي فرمايو ته تحريڪ جي لاءِ شعيب بخاري جون وڏيون قربانيون آهن. جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. شعيب بخاري مرحوم آزمائش جي وقتن ۾ ۽ تمام تر مشڪلاتن جي باوجود نائن زيرو تي خدمتون انجام ڏيندا رهيا ۽ انهن کي 1998 ۾ گرفتار ڪري سرڪاري حراست ۾ تشدد جو نشانو به بڻايو ويو هو. جنهن کان پوءِ انهن جي طبيعت لڳاتار خراب رهندي رهي ۽ اهي اڄ الله سائين کي پيارا ٿي ويا. جناب الطاف حسين فرمايو ته شعيب بخاري شهيد آهن ۽ انهن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته شعيب بخاري شهيد جي جنازي نماز جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ وڏي شاندار طريقي سان ادا ڪئي ويندي ۽ انهن کي ڀرپور اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. انهن فضيل بخاري کي چيو ته مان شعيب بخاري جي وفات تي اوهان ۽ اوهان جي گهر وارن سان دلي تعزيت ڪريان ٿو ۽ دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي شعيب بخاري مرحوم جا درجات بلند فرمائي ۽ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 
*****

4/18/2024 8:28:41 PM