Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن سب يونٽ ڪي ايم سي شعبه باغات جي انچارج محمد رضوان، لياقت آباد يوسي 42 جي ڪارڪنن تنوير حسين ۽ شيخ محمد عمير جي بي ڏوهي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار

 Posted on: 7/16/2016

ڪراچي: 16 جولائي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن سب يونٽ ڪي ايم سي شعبه باغات جي انچارج محمد رضوان ۽ ايم ڪيو ايم لياقت آباد يوسي 42 جي ڪارڪنن ۽ ڪي ڪي ايف جي ڊرائيور تنوير حسين ۽ شيخ محمد عمير جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا  ڪميٽي چيو ته ڪارڪنن جي گرفتاري جي واقعن سان واضع ٿي چڪو آهي ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت ڪراچي آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري نه صرف انهن جون وفاداريون مٽايون پيون وڃن پر انهن کي ڪمالو گروپ ۾ به شامل ڪرايو پيو وڃي. ۽ انڪار ڪرڻ تي انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ليبر ڊويزن ڪي ايم سي سب يونٽ شعبه باغات جي انچارج محمد رضوان کي نيپا چورنگي جي گرين بيلٽ کان ڊيوٽي تان واپس گهر ايندي گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏهن ته لياقت آباد جي ڪارڪنن تنوير حسين ۽ شيخ محمد عمير کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ امن جي قيام جي نالي تي جاري آپريشن جي آڙ ۾ هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي 4928 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان 3702 ڪارڪنن کي ڇڏيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي اعلٰي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اهي تنوير حسين، شيخ محمد عمير ۽ محمد رضوان جي گرفتاري جو نوٽس وٺن ۽ انهن کي آزاد ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف غير اعلانيه رياستي آپريشن به بند ڪرائين. 
*****

4/18/2024 9:06:13 PM