Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان جي غير قانوني گرفتاري جو نوٽس ورتو وڃي.سيد شاهد پاشا


رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان جي غير قانوني گرفتاري جو نوٽس ورتو وڃي.سيد شاهد پاشا
 Posted on: 7/12/2016
رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان جي غير قانوني گرفتاري جو نوٽس ورتو وڃي.سيد شاهد پاشا
نائن زيرو سميت ايم ڪيو ايم جي ٻين تنظيمي آفيسن تي ڪيترائي ڇاپا هنيا ويا آهن ۽ عامر خان، ڪهف الورٰي، قمر منصور ۽ شاهد پاشا کي بي ڏوهي گرفتار ڪيو ويو هو
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 12 جولائي 2016 
                   ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته ڪراچي آپريشن جو مقصد امن جو قيام نه بلڪه سياسي آهي ۽ اهو آپريشن ايم ڪيو ايم ڪرش آپريشن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ ان آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي هزارين ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عبدالحسيب، محفوظ يار خان، اسلم آفريدي ۽ سينيئر اڳواڻ خالد مقبول صديقي به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته ڪراچي آپريشن پابندي وڌل تنظيمن جي بليڪ جيٽ دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ شروع  ڪيو ويو هو پر ان جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو ۽ 2013 کان وٺي هن 

آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جا پنج هزار ڪارڪن گرفتار ۽ 61 ڪارڪن ماورائي عدالت قتل ڪيا ويا آهن. انهن سوال ڪيو ته ڇا ايم ڪيو ايم آپريشن کي تڪراري بڻائي رهي آهي يا قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا تڪراري بڻائي رهيا آهن. انهن چيو ته سانحه صفورا ۾ ملوث جيڪي ماڻهو آهن انهن جي سياسي وابستگي جي باوجود انهن جي جماعت جي آفيسن تي ڇاپا ڇو نه هنيا ويا؟ سبين محمود يا ٻين جي قتلن ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن جي به سياسي وابستگي ظاهر ٿي چڪي آهي پر انهن جي جماعت جي آفيسن تي به ڇاپو نه هنيو ويو آهي. آخر ڇو؟ انهن چيو ته ڪجھھ ڏينهن اڳ  لانڍي جي ڪارڪن رياض الحق کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو هو ۽ جڏهن ته ڪجھھ وقت اڳ ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪوآرڊينيٽر آفتاب احمد کي به ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو هو. جنهن جي غير جانبداراڻه تحقيقات پاڻ آرمي چيف ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي. پر اڄ تائين انهن جا قاتل گرفتار نه ٿيا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد سنڌ اسيمبلي جا سابق ميمبر ۽ ٽائون ناظم به رهي چڪا آهن ۽ انهن عوام جي وڏي خدمت به ڪئي آهي ۽ اهي برطانوي شهريت به رکن ٿا ۽ انهن جي خاندان برطانيه جي حڪومت سان به رابطو ڪيو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته آپريشن جو بنيادي نشانو ايم ڪيو ايم آهي. انهن چيو ته اظهار احمد تي ڪوئي به ڪيس نه آهي.انهن چيو ته اسان جي احتجاج تي چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم آپريشن کي تڪراري بڻائي رهي آهي. پر آپريشن کي تڪراري ته رينجر ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون غير قانوني گرفتاريون ڪري بڻائي رهيا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم آپريشن جي خاتمي جو مطالبو اڄ تائين نه ڪيو آهي. انهن چيو ته اسان کي خطرو آهي ته ڪٿي اظهار احمد تي پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ نه وڌو وڃي. آخر ۾ انهن صدر مملڪت، وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي اظهار احمد جي غير قانوني گرفتاري جو نوٽس وٺن ۽ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 
*****

4/19/2024 4:25:49 AM