Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 7/12/2016
رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف اظهار احمد خان جي غير قانوني گرفتاري جو نوٽس وٺن. رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 12 جولائي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي طرفان رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان جي بي ڏوهي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اظهار احمد خان رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب جي عيادت جي لاءِ انهن جي گهر فيڊرل بي ايريا ۾ ويا هئا ته ويگو گاڏي ۾ سوار رينجر جي اهلڪارن انهن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجر وارن گرفتاري جو سبب ٻڌائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ اڻ ڄاتل هنڌ ڏانهن وٺي ويا. رابطا ڪميٽي چيو ته اظهار احمد خان بلڊ پريشر ۽ دل جا مريض آهن. جنهن جي ڪري اهي باقائدگي سان دوائون استعمال ڪن ٿا. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي طرفان اظهار احمد خان جي بي ڏوهي گرفتاري سان انهن جي زندگي کي سنگين خطرو لاحق آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ منظم سازش جي تحت ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي غير قانوني طور تي گرفتار ڪري انهن کي اسٽيبلشمينٽ جي ٽولي ۾ شامل ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ۽ اظهار احمد خان جي گرفتاري به انهي سازشي منصوبي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ٽن سالن کان جاري ڪراچي آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 61 ڪارڪنن کي حراست جي دوران بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي۽ جڏهن ته 135 ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا به ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جون غير قانوني گرفتاريون، ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن جي واقعن ۽ رياستي طاقت جو ناجائز استعمال ڪري انهن جون سياسي وفاداريون تبديل ڪرائڻ مهاجرن جي بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن مهاجرن ۽ انهن جي واحد نمائنده جماعت کي ڪڇلڻ جي لاءِ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان رياستي ظلمن تي جمهوريت پسند مهاجرن ۾ وڏي ڪاوڙ جي لهر پاتي وڃي ٿي. جنهن جو نوٽس وٺڻ اختياري ڌرين جو بنيادي فرض آهي.رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي اظهار احمد خان جي غير قانوني گرفتاري جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ انهن کي جلد کان جلد آزاد ڪرائين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي طاقت جو ناجائز استعمال به بند ڪرائين. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي اظهار احمد خان سميت ايم ڪيو ايم جي سمورن اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ پاڪستان ۾ وسندڙ ڪروڙين مهاجرن جي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي لڳاتار واقعن تي احتجاج جي آواز به بلند ڪن. 
*****


4/23/2024 9:26:44 AM