Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڊفينس ڪلفٽن ۾ ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته عوام کي لٽڻ جي لاءِ ٽينڪر مافيا کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. ڊفينس ريذيڊنس ڪميٽي


ڊفينس ڪلفٽن ۾ ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته عوام کي لٽڻ جي لاءِ ٽينڪر مافيا کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. ڊفينس ريذيڊنس ڪميٽي
 Posted on: 7/11/2016
ڊفينس ڪلفٽن ۾ ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته عوام کي لٽڻ جي لاءِ ٽينڪر مافيا کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. ڊفينس ريذيڊنس ڪميٽي
ڪراچي: 10 جولائي 2016 
                  ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنس ڪميٽي ۽ ڪائونسل آف پروفيشنل جو هڪ گڏيل اجلاس ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر محفوظ يار خان، ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنس ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محفوظ يار خان چيو ته پاڻي جي ڪمي جو مسئلو ڪراچي ۾ وڏي شدت اختيار ڪري ويو آهي. جنهن سان ڊفينس ڪلفٽن جا رهائشي به متاثر ٿيا آهن. انهن چيو ته ڊفينس ڪلفٽن جا رهائشي هر مهيني ڪروڙين روپيا ڪلفٽن ڪنٽومينٽ بورڊ کي واٽر ٽيڪس جي مد ۾ ڏين ٿا. پر ان جي باوجود هتان جا رهائشي پاڻي جي لاءِ ترسي رهيا آهن. انهن چيو ته پاڻي جي ڪمي جي ڪري عوام 12 هزار روپين ۾ پاڻي جو ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن چيو ته ڊي ايڇ اي جي طرفان ڪوجنٽ پلانٽ جو افتتاح ته ڪيو ويو پر ڪميشن جي بندر بانٽ کان پوءِ ان پلانٽ کي ڪٻاڙي به خريد ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن. انهن چيو  ته ان سلسلي ۾ 15 جولائي بروز جمعي تي شام جو 6 وڳي تين تلوار تي ڊفينس ڪلفٽن ريذيڊنس ڪميٽي جي آفيس ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيندو جنهن ۾ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. 
*****

4/17/2024 9:20:28 PM