Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

معروف ادبي و سماجي شخصيتن جاويد منظر، عبدالمالڪ ۽ مير جاويد اقبال جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خير مقدم


معروف ادبي و سماجي شخصيتن جاويد منظر، عبدالمالڪ ۽  مير جاويد اقبال جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خير مقدم
 Posted on: 5/1/2016 1
معروف ادبي و سماجي شخصيتن جاويد منظر، عبدالمالڪ ۽  مير جاويد اقبال جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خير مقدم
لنڊن: پهرين مئي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف ادبي ۽ سماجي شخصيتن جاويد منظر، عبدالمالڪ ۽ مير جاويد اقبال جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو خير مقدم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن عوام کي بدظن ڪرڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي خلاف من گهڙت ۽ ڪوڙا الزام عائد ڪيا پيا وڃن. ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جي لاءِ رياستي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو پيو وڃي. انهن معروف شخصيتن جي طرفان ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪرڻ ظالم قوتن جي مذموم مقصدن جي کليل شڪست آهي. انهن فرمايو ته ملڪ جي معروف ادبي ۽ سماجي شخصيتن جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته پاڪستان جي غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام سان گڏو گڏ اديبن، شاعرن، قانون دانن ۽ سياستدانن به رياستي سطح تي ايم ڪيو ايم جي خلاف بهتان تراشي کي رڌ ڪري چڏيو آهي ۽ اهي ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي ڪري سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي ڇنيل حقن  جي جدوجهد تي يقين رکن ٿا. جناب الطاف حسين جاويد منظر، عبدالمالڪ ۽ مير جاويد اقبال جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت تي حق پرست عوام ۽ ڪارڪنن کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته انهن نالي وارين شخصيتن جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت حق پرستي جي فڪر و فلسفي جي فروغ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي.
*****


4/18/2024 7:55:48 PM