Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪيبنيٽ ڊويزن جي سابق ڊائريڪٽر مير جاويد اقبال، رٽائرڊ سينيئر سول و اسٽنٽ سيشن جج عظمت الله، 40 ڪتابن جي مصنف پروفيسر مظفر حسين ملاٺي، نالي واري شاعر ڊاڪٽر جاويد منظر ۽ اردو يونيورسٽي جي سينيئر رٽائر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمالڪ ايم ڪيو ايم ۾ غير مشروط طور تي شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو


ڪيبنيٽ ڊويزن جي سابق ڊائريڪٽر مير جاويد اقبال، رٽائرڊ سينيئر سول و اسٽنٽ سيشن جج عظمت الله، 40 ڪتابن جي مصنف پروفيسر مظفر حسين ملاٺي، نالي واري شاعر ڊاڪٽر جاويد منظر ۽ اردو يونيورسٽي جي سينيئر رٽائر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمالڪ ايم ڪيو ايم ۾ غير مشروط طور تي شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو
 Posted on: 5/1/2016 1
ڪيبنيٽ ڊويزن جي سابق ڊائريڪٽر مير جاويد اقبال، رٽائرڊ سينيئر سول و اسٽنٽ سيشن جج عظمت الله، 40 ڪتابن جي مصنف پروفيسر مظفر حسين ملاٺي، نالي واري شاعر ڊاڪٽر جاويد منظر ۽ اردو يونيورسٽي جي سينيئر رٽائر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمالڪ ايم ڪيو ايم ۾ غير مشروط طور تي شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو
مهاجرن اڄ جيڪو به مقام حاصل ڪيو آهي اهو جناب الطاف حسين جي جدوجهد جي ڪري ئي آهي.خالد مقبول صديقي
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: پهرين مئي 2016 
                   متحده قومي موومينٽ ۾ ملڪ جي نالي وارين شخصيتن جي شموليت جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ ڪيبنيٽ ڊويزن جي سابق ڊائريڪٽر مير جاويد اقبال، رٽائر سينيئر سول ۽ اسٽنٽ سيشن جج عظمت الله، 40 کان وڌيڪ ڪتابن جي مصنف پروفيسر مظفر حسين ملاٺي، نامور شاعر ڊاڪٽر جاويد منظر ۽ اردو يونيورسٽي جي سينيئر رٽائر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمالڪ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو غير مشروط طور تي اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو اعلان انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن خالد مقبول صديقي، محفوظ يار خان ۽ عبدالقادر خانزاده سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي به موجود هئا.  ان موقعي تي خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪيترن ئي سالن کان رياستي ظلم ۽ ڏاڍ کي منھھ ڏيئي رهي آهي ۽ ميڊيا تي مختلف هٿڪنڊن جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي. ان کي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي تنظيم بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. اهو ڪو پهريون دفعو نه آهي بلڪه ايم ڪيو ايم جي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪري ئي ائين ٿي رهيو آهي. انهن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهن کي ايم ڪيو ايم کان متنفر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ رياستي ڏاڍ، لالچ ۽ خوف جا هٿڪنڊا استعمال ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ٻئي پاسي وڃڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي ته اهڙي وقت ۾ علم وارين شخصيتن،ججن ليکڪن ۽ وڪيلن جي ايم ڪيو ايم ۾ شموليت ٿي رهي آهي ۽ مان انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. انهن چيو ته اڻ ڏٺل قوتن جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي باوجود عوام  ايم ڪيو ايم جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ئي ووٽ ڏنا آهن ۽ انهن کي ڪامياب ڪرايو آهي. انهن چيو ته پوري مهاجر قوم کي ڪرمنلائيز ۽ ڊي مورلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر هر عمل جو هڪ رڌ عمل به هوندو آهي ۽ اسان جو رڌ عمل اهڙو اچي رهيو آهي جو اڄ علم واريون شخصيتون، ليکڪ، جج ۽ وڪيل پنهنجي قوم تي ٿيندڙ ظلمن ۽ ناانصافين جي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ باقي ماڻهن جي لاءِ به اها هڪ دعوت عام آهي. انهن چيو ته هميشه اهو ئي ٿيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ طاقتور قوتون اچن ٿيون پر ايم ڪيو ايم الله سائين جي فضل و ڪرم سان اڳي کان به وڌيڪ طاقتور ٿي وڃي ٿي ڇو ته ان کي الله سائين جي مدد حاصل آهي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندڙ شخصيتن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين مظلومن جي حقن جي تحريڪ کي جاري رکڻ جي لاءِ جنهن قدر قربانيون ڏنيون آهن ان جي مثال نه ٿي ملي. انهن جناب الطاف حسين جي نظريه حقيقت پسندي ۽ عمليت پسندي جي مڪمل تائيد ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام ۽ ظالم قوتن جي سامهون جيڪا تحريڪ جاري رکي آهي اسان اڄ ان جو حصو بڻجي رهيا آهيون ۽ هر لحاظ سان اسان جو تعاون ايم ڪيو ايم سان گڏ رهندو. انهن چيو ته مهاجرن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ جهڙي طرح سان مهاجرن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ان ظلم ۽ ڏاڍ تي اسان پنهنجن جهڙن انهن ساٿين کي به جيڪي خاموشي سان ان تحريڪ جو  ساٿ ڏيئي رهيا آهن ۽ ان جي مدد ڪري رهيا آهن ، انهن کي به چئون ٿا ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اوهان لڪي ڪري ڪم ڪرڻ جي بجاءِ سامهون اچي ڪري ڪم ڪريو ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ساٿ ڏيو. ان موقعي تي محفوظ يار خان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان شموليت اخيتار ڪندڙن کي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي. 
*****

4/20/2024 4:14:35 AM