Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان ۾ پورهيت طبقي جي مسئلن جو واحد حل فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جو پاڙ کان خاتمو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پاڪستان ۾ پورهيت طبقي جي مسئلن جو واحد حل فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جو  پاڙ کان خاتمو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 5/1/2016 1
پاڪستان ۾ پورهيت طبقي جي مسئلن جو واحد حل فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جو  پاڙ کان خاتمو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
پورهيت طبقي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خصوصي پيغام
لنڊن: پهرين مئي 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پورهيت طبقو ڪنهن به معاشري جي جوڙ جڪ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. جنهن کان سواءِ معاشري جي تعمير و  ترقي ناممڪن آهي ۽ ان جي شراڪت ۽ شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن پهرين مئي “ پورهيت طبقي جي عالمي ڏينهن ” جي موقعي تي پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ فرمايو. انهن فرمايو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جي ڪري پورهيت طبقي کي انهن جي جائز حقن کان محروم رکيو پيو وڃي ۽ ان طبقي جي لاءِ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪيون پيون وڃن. جنهن جي ڪري پورهيت طبقو نه صرف معاشي بحران بلڪه سخت بدحالي جو شڪار به آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن  سان گڏو گڏ انهن ۾ مايوسيون ۽ محروميون وڌنديون پيون وڃن. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ پورهيت طبقي جي مسئلن جو واحد حل فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جو پاڙ کان خاتمو آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن پورهيت طبقي  جي جائز حقن جي لاءِ ملڪ ۾ سڀني کان پهرين حق جي آواز بلند ڪئي ۽ انهن کي جائز حق ڏيارڻ جي حصول جي لاءِ ليبرڊويزن جي صورت ۾ ايم ڪيو ايم جو پليٽ فارم به مهيا ڪيو.  انهن فرمايو ته ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته مختلف شعبن ۾ پورهيت طقبي سان ڪئي ويندڙ زيادتين ۽ ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. انهن فرمايو ته صنعتي پيداواري ادارن ۾ ٺيڪيداري نظام سان پورهيت طبقي جو معاشي قتل عام ٿئي ٿو. جنهن جي ازالي جي لاءِ صنعتي پيداواري ادارن مان ٺيڪداري نظام کي ختم ڪري پورهيت طبقي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. 
*****

4/19/2024 6:33:54 PM