Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو پول کولڻ جي ڏوھ ۾ اي آر وائي نيوز جي پروگرام “ سر عام ” جي ميزبان اقرار الحسن ۽ سرعام ٽيم جي ميمبرن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو پول کولڻ جي ڏوھ ۾  اي آر وائي نيوز جي پروگرام “ سر عام ” جي ميزبان اقرار الحسن ۽ سرعام ٽيم جي ميمبرن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 4/29/2016
سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو پول کولڻ جي ڏوھ ۾  اي آر وائي نيوز جي پروگرام “ سر عام ” جي ميزبان اقرار الحسن ۽ سرعام ٽيم جي ميمبرن جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 29 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو پول کولڻ جي ڏوھ ۾ اي آر وائي نيوز جي پروگرام“ سرعام ” جي ميزبان اقرار الحسن ۽ سرعام ٽيم جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سرعام جي ٽيم سنڌ اسيمبلي جي ناقص سيڪيورٽي جو ڀانڍو ڀڃي ڪري هڪ سٺو قدم کنيو آهي. جنهن تي اقرار الحسن ۽ ٽيم جا ٻيا ميمبر خراج تحسين جي لائق آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھھ انتهائي افسوسناڪ آهي ته ناقص سيڪيورٽي ۽ اهلڪارن جي غفلت جي نشاندهي ڪرڻ تي اقرار الحسن ۽ سرعام جي ٽيم کي سنڌ حڪومت جي طرفان ساراهيو وڃڻ گهرجي ها. پر ابتڙ اقرار الحسن ۽ سرعام  ٽيم جي ميمبرن سان جهڙي طرح جو رويو اختيار ڪيو ويو آهي. ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته اقرار الحسن ۽ سرعام جي ٽيم جي ميمبرن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪاروائي ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪري سنڌ اسيمبلي ۽ ان جي سمورن ميمبرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. 
*****

4/18/2024 11:02:19 PM