Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي وقت کان علاوه به بجلي جي بندش ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت


رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي وقت کان علاوه به بجلي جي بندش ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
 Posted on: 4/16/2016
رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي وقت کان علاوه به بجلي جي بندش ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
ڪراچي: 16 اپريل 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان لوڊشيڊنگ جي وقت کان علاوه به بجلي جي بندش ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گرمي شروع ٿيڻ سان ئي لوڊشيڊنگ جي ٽائيم کان علاوه به وقفي وقفي سان بجلي جي بندش ڪئي پئي وڃي جنهن سان عوام کي وڏي تڪليف پهچي رهي آهي.رابطا ڪميٽي چيو  ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ته گرمي اچڻ جي ڪري ڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجو نظام اپ گريڊ ڪرڻ گهرجي ها. پر ائين نه ڪيو ويو ۽ ابتڙ اپ گريڊ جي نالي تي ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ڪئي وئي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن جي طرفان ڪيترائي ڀيرا صورت حال بهتر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي پر ابتڙ صورتحال ڏينهون خراب ٿيندي پئي وڃي.رابطا ڪميٽي وفاقي وزير پاڻي و بجلي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪي اليڪٽرڪ جي من مانين جو فوري طور تي نوٽس وٺن.
*****

4/19/2024 4:46:22 AM