Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پڪا قلعه حيدرآباد جي ڪجھھ علائقن ۾ حيسڪو جي طرفان بجلي ڪٽڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پڪا قلعه حيدرآباد جي ڪجھھ علائقن ۾ حيسڪو جي طرفان بجلي ڪٽڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
 Posted on: 4/13/2016
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پڪا قلعه حيدرآباد جي ڪجھھ علائقن ۾ حيسڪو جي طرفان بجلي ڪٽڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت
ڪراچي: 15 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پڪا قلعه حيدرآباد جي ڪجھھ علائقن ۾ حيسڪو جي طرفان بجلي ڪٽڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سخت گرمي ۾ حيسڪو جي اعلٰي آفيسرن جي طرفان پڪا قلعه حيدرآباد جي ڪجھھ علائقن جي بجلي ڪٽڻ هڪ غير انساني عمل آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته تقريبن اڍائي هزارن کان وڌيڪ گهرن جي بجلي ڪٽڻ سان مريضن، عورتن ۽ ٻارن کي سخت پريشاني جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته حيسڪو جي ان عمل سان عوام ۾ وڏي تاءُ پاتو به وڃي ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته واجبات جي ادائگين جي حوالي سان جيڪڏهن ڪوئي تڪرار آهي ته ان تڪرار کي علائقي جي معززن جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. رابطا ڪميٽي حيسڪو جي اعلٰي حڪام کان مطالبو ڪيو ته اهي  حيسڪو جي طرفان بجلي منقطع ڪرڻ جو نوٽس وٺن ۽ بجلي کي فوري طور تي بحال ڪرائين. 
*****


4/19/2024 11:49:32 PM