Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سپريم ڪورٽ جي طرفان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو تاريخي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سپريم ڪورٽ جي طرفان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو تاريخي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/15/2016
سپريم ڪورٽ جي طرفان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو تاريخي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 15 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي طرفان ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي تاريخي فيصلي جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي ۽ رابطا ڪميٽي ، نامزد ميئر وسيم اختر، ڊپٽي ميئر ارشد وهره، چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سڄي ملڪ جي مظلوم عوام ۾خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي ۽ سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو حق ۽ سچ  جي فتح آهي. جنهن سان جمهوريت کي فروغ ملندو ۽ ملڪ ترقي ڏانهن به وڌندو. انهن فرمايو ته جمهوريت جو تقاضا آهي ته مڪاني نمائندن کي اختيار ۽ وسيلا به  ڏنا وڃن پر سياسي مفادن جي خاطر سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن ۾ واضع اڪثريت سان کٽڻ وارن نمائندن کي اختيارن ۽ وسيلن کان به محروم ڪري ڇڏيو هو ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن جي چونڊ ۾ بدنيتي سامهون اچي وئي آهي. جناب  الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي جلد کان جلد ڪرائي وڃي ۽ جمهوريت جي تقاضن کي پورو ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي.ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نائن زيرو تي فون ڪري رابطا ڪميٽي ۽ شعبن جي ذميوارن کي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي فيصلي تي دلي مبارڪباد پيش ڪندي ان کي حق ۽ سچ جي فتح قرار ڏنو آهي. انهن وسيم اختر، ارشد وهره ۽ بيرسٽر فروغ نسيم کي به فون ڪري دلي مبارڪباد پيش ڪئي. 
*****

4/19/2024 2:39:20 AM