Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مسلم ليگ ق جي سابق ميمبر سنڌ اسيمبلي محترمه افشان عمران جو مسلم ليگ ق جي نائب صدر غلام حسين عطا ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محترمه گل راني سميت 200 عهديدارن ۽ سوين ڪارڪنن سان گڏ متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت جو اعلان


مسلم ليگ ق جي سابق ميمبر سنڌ اسيمبلي محترمه افشان عمران جو مسلم ليگ ق جي نائب صدر غلام حسين عطا ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محترمه گل راني سميت 200 عهديدارن ۽ سوين ڪارڪنن سان گڏ متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت جو اعلان
 Posted on: 4/11/2016
مسلم ليگ ق جي سابق ميمبر سنڌ اسيمبلي محترمه افشان عمران جو مسلم ليگ ق جي نائب صدر غلام حسين عطا ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محترمه گل راني سميت 200 عهديدارن ۽ سوين ڪارڪنن سان گڏ متحده قومي موومينٽ ۾ شموليت جو اعلان
جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي ڪوڙن ۽ بي بنياد الزامن کي رڌ ڪريون ٿا. افشان عمران
ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪرڻ وارن وڏو قدم کنيو آهي ۽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي لڳايل سڀئي الزام ڪوڙا آهن. وسيم اختر
نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 11 اپريل 2016
مسلم ليگ ق جي سابق ميمبر سنڌ اسيمبلي ۽ سابق صدر وومين ونگ محترمه افشان عمران مسلم ليگ ق سنڌ جي نائب صدر غلام حسين عطا ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محترمه گل راني سميت 200 کان وڌيڪ عهديدارن ۽ سوين ڪارڪنن سان گڏ متحده قومي موومينٽ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهو اعلان انهن نائن زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد، شبير احمد قائمخاني ۽ نامزد ميئر وسيم اختر به موجود هئا. ان کان اڳ جڏهن محترمه افشان عمران جي سربراهي ۾ وفد نائن زيرو پهتو ته انهن جو گلن جا هار پارائي ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچاور ڪيا ويا. 
پريس ڪانفرنس ڪندي محترمه افشان عمران چيو ته اها قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۽ بهترين پاليسيون ئي آهن جن کان ماڻهو متاثر ٿي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا آهن. مان به ڪافي عرصي کان ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جي لاءِ سوچي رهي هيس ۽ جڏهن مان ڏٺو ته ايم ڪيو ايم کان چائينا ڪٽنگ ۽ غريبن جي گهرن تي قبضا ڪرڻ وارو ٽولو نڪري ويو آهي ته پوءِ مان فيصلو ڪيو ته هاڻي مان به متحده قومي موومينٽ ۾ شامل ٿيان. انهن چيو ته اسان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي ڪوڙن ۽ بي بنياد الزامن کي بلڪل رڌ ڪريون ٿا ۽ انشاء الله تعالٰي اسان پنهنجي سر جي بازي لڳائي ڪري ۽ پنهنجو رت ڏيئي ڪري ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪنداسين. انهن چيو ته عوام جو لاڙو ايم ڪيو ايم ڏانهن آهي ۽ انشاء الله تعالٰي عوام لائينون ٺاهي ڪري ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيندا. انهن چيو ته اسان جناب الطاف حسين جي قيادت تي ڀرپور اعتماد ڪندي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيا آهيون ۽ جيترا به ڪنا آنا ايم ڪيو ايم ۾ هئا اهي سڀ نڪري ويا آهن ۽ گند صاف ٿي ويو آهي ۽ هاڻي سٺا ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾اچڻ شروع ٿي ويا آهن. انهن وڌيڪ چيو ته سياست ڪئي وڃي پر ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هڻي ڪري ڪنهن تي به گند نه اڇلايو وڃي. ان کان اڳ نامزد ميئر وسيم اختر شامل ٿيندڙ ماڻهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان دلي مبارڪباد پيش ڪندي انهن جو خير مقدم ڪيو . وسيم اختر چيو ته افشان عمران سان گڏ شامل ٿيندڙن ۾ سمورين قومن جا ماڻهو شامل آهن ۽ ايم ڪيو ايم جن حالتن مان گذري رهي آهي اهڙين حالتن ۾ انهن شموليت اختيار ڪري هڪ وڏو قدم کنيو آهي ۽ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن . انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا الزام لڳايا پيا وڃن پر ان جي باوجود ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم ڏانهن ڏسي رهيا آهن . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ سمنڊ وانگر آهي ۽ سمنڊ مان ڪو هڪ بالٽي پاڻي نڪري وڃي ته سمنڊ تي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي. 

4/19/2024 10:25:40 PM