Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان جي ماڻهن جي شهادت تي هڪ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ شهيدن جي پونئرن سان انصاف ڪيو وڃي.ڊاڪٽر فاروق ستار


 Posted on: 4/12/2016
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان جي ماڻهن جي شهادت تي هڪ جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي ۽ شهيدن جي پونئرن سان انصاف ڪيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ايم ڪيو ايم جا 20 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ همدرد شهيد ڪيا ويا آهن ڊاڪٽر فاروق ستار
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 12 اپريل 2016 
  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي اسٽيبلشمينٽ هڪ جماعت جي آڙ ۾ ڊرائي ڪلين مشين لڳائي آهي. جيڪي  انهن ڏانهن وڃي رهيا آهن انهن کي ته سو سو خون معاف ڪيا پيا وڃن. هن مهل تائين 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته هيڏانهن ايندو ته اوهان امان پائيندو. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪنوينر نويد جميل، رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، عادل خان، شبير احمد قائم خاني، اسماعيل قريشي ۽ ريحانه نسرين به موجود هيون. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مخالفن جو منشور مائنس الطاف حسين آهي، انهن چيو  ته انهن گرفتارين جي ذريعي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته عزيز آباد ۾ هوندو ته ڏوهاري ۽ جيڪڏهن خيابان مجاهد ۾ ايندو ته پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو. انهن وڌيڪ چيو ته قتل به مان ئي ٿي رهيو آهيان ۽ ايف آئي آر به مون تي ئي ڪٽجي رهي آهي. انهن چيو ته هن مهل تائين ايم ڪيو ايم جي 20 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن کي شهيد ڪيو ويو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان جي ڪارڪنن جي شهادت تي هڪ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪيو وڃي ۽ انهن جي پونئرن سان انصاف ڪيو وڃي. انهن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارن ڪنهن کي قتل ڪيو آهي ته انهن کي به قانون جي مطابق سزا ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن رينجر يا فوج به ڪنهن کي قتل ڪيو آهي ته انهن کي به گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. انهن چيو ته فرض ڪريو ته جيڪڏهن 10 هزار ماڻهن کي ايم ڪيو ايم قتل ڪيو آهي ته باقي 10 هزار ماڻهن کي ڪنهن قتل ڪيو آهي. باقي 10 هزار قتل ڪندڙن جي چهري تان ڪنهن به پردو کنيو ۽ انهن قتل  ڪندڙن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ انصاف جا تقاضا پورا ڪيا وڃن انهن چيو ته انهن قتلن جي خلاف هن مهل تائين جوڊيشل ڪميشن ڇو نه بڻيو آهي؟ انهن چيو ته غير اعلانيه طور تي ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته  6 مارچ کان هن مهل تائين 100 کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن ۾ وڏي تعداد اهڙن ذميوارن جي آهي جن کي اسان پهريون ڀيرو ذميواري ڏني آهي ۽ اهي پڙهيل لکيل نوجوان آهن جن جو ماضي ۾ ڪوئي به ڏوهاري ريکارڊ نه آهي ۽ انهن تي ڪا به ايف آئي آر نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي آئي ٽي ۾ انهن جو نالو آهي. انهن چيو ته 6 مارچ کان گرفتارين جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان قانون جي بالادستي ، ڏوهاري ماڻهن کي ڪڇلڻ ۽ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي جو ايجنڊا نه بلڪه اهو صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ جو ايجنڊا آهي. انهن چيو  ته 1992 کان 1994 تائين 32 ڪارڪنن جي قتل جي ايف آئي آر به مون تي ڪٽي وئي هئي، پنج هزار ڪوڙا ڪيس بڻايا ويا هئا، ايم ڪيو ايم حقيقي بڻائي وئي هئي ۽ اهي ٽرڪن ۾ ويهي ڪري آيا هئا. انهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي ۽ سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته اهي جوڊيشل ڪميشن بڻائين ۽ ايم ڪيو ايم جي قتل ٿيل ڪارڪنن سان انصاف ڪن.

4/25/2024 5:10:21 AM