Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيوايم ملير سيڪٽر جي ٽائون آرگنائيزر ۽ ڪورنگي ضلعي ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي لاءِ ايم ڪيوايم جي اميدوار سيد نير رضا کي رينجر رات انهن جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو


ايم ڪيوايم ملير سيڪٽر جي ٽائون آرگنائيزر ۽ ڪورنگي ضلعي ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي لاءِ ايم ڪيوايم جي اميدوار سيد نير رضا کي رينجر رات انهن جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو
 Posted on: 4/12/2016
ايم ڪيوايم ملير سيڪٽر جي ٽائون آرگنائيزر ۽ ڪورنگي ضلعي ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي لاءِ ايم ڪيوايم جي اميدوار سيد نير رضا کي رينجر رات انهن جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو
ڪراچي: 12 اپريل 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم ملير ٽائون جي ٽائون آرگنائيزر ۽ ڪورنگي ضلعي جي مخصوص سيٽن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي اميدوار سيد نير رضا جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سيد نير رضا جي خلاف ڪوئي به ڪيس نه آهي ۽ اهي هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون انجام ڏيئي رهيا هئا. اهي علائقي ۾ هڪ سٺي شهرت به رکندا هئا ۽ مڪاني اليڪشن ۾ اهي ڪورنگي ضلعي ڪائونسل ۾ ليبر جي مخصوص سيٽ تي ايم ڪيو ايم جا اميدوار به هئا . رينجر رات انهن کي جناح اسڪوائر ملير ڪالوني مان انهن جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو. انهن جي گهر وارن کي به ان گرفتاري جو ڪوئي سبب نه ٻڌايو ويو آهي . رابطا ڪميٽي چيو ته جنهن طريقي سان روزانو ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ان مان صاف ظاهر آهي ته آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته جن جي خلاف سنگين ڪيس آهن ۽ جن جا نالا مختلف جي آئي ٽيز ۾ به آهن ته اهي ته کلي عام پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن پر ايم ڪيو ايم جي معصوم ۽ بي گناھ ڪارڪنن، عهديدارن ۽ چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سيد نير رضا کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن جي گرفتارين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي.


4/23/2024 6:18:24 AM