Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 4/9/2016 1
ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته جيڪڏهن انهن ضمير فروش ٽولي ۾ شموليت اختيار نه ڪئي ته انهن کي گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو
ڪراچي: 9 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻڻ، ذميوارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن تي وفاداريون تبديل ڪرڻ ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته اهي ان کليل لاقانونيت ۽ غنڊه گردي جو نوٽس وٺن. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل پوين ڏينهن ۾ آندل بدعنوان عناصر جي پارٽي ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن تي شموليت جي لاءِ دٻاءُ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اهي عناصر ايم ڪيو ايم جي ذميوارن، چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن سان رابطو ڪري انهن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته جيڪڏهن انهن ان ضمير فروش ٽولي ۾ شموليت اختيار نه ڪئي ته انهن کي گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سوين ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته انهن وٽ صرف ٻه رستا آهن. پهريون اهو ته ان ٽولي ۾ شامل ٿي وڃو يا 90 ڏينهن جي ريمانڊ سميت هر طرح جي تشدد ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو. رابطا ڪميٽي چيو ته صدر، وزير اعظم، وزير داخلا ۽ آرمي چيف کي ان سنگين معاملي 

جو نوٽس وٺڻ گهرجي ته آخر اهي عناصر ڪنهن جي مرضي تي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي سوال ڪيو ته رياستي ادارا ڪهڙي قانون جي تحت ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون سياسي وفاداريون مٽائڻ ۽ عوام جي رڌ  ڪيل بدعنوان عناصر جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي مجبور ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل ڪجھھ ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جي جن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن ۾ وڏي اڪثريت انهن جي آهي جن ان بدعنوان ۽ ضمير فروش ٽولي جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ انهي وفاداري جي ڏوھ ۾ انهن کي هاڻي ڪوڙن ڪيسن،تشدد ۽ ميڊيا ٽرائل جو سامنو ڪرڻو پئجي رهيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سياست ڪرڻ ۽ پنهنجو منشور عوام تائين پهچائڻ جي سڀني کي اجازت آهي پر اهي عناصر صرف ۽ صرف ڌمڪين ۽ غنڊه گردي جي ذريعي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون وفاداريون مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪا نه صرف آئين، قانون ۽ اخلاقيات جي خلاف آهي بلڪه ان سان رياستي ادارن جي تقدس ۽ غير جانبداري جي باري ۾ به سوالَ  اٿي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪورڪمانڊر سنڌ جنرل نويد مخيتار کان مطالبو ڪيو ته اهي ان صورتحال جو نوٽس وٺن ۽ محب وطن مهاجرن ۽ انهن جي چونڊيل جماعت ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جو عمل فوري طور تي بند ڪرائين. 
*****

4/19/2024 9:41:41 PM