Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جا عوام ننڍي چونڊ ۾ ووٽ وجهڻ جي لاءِ پنهنجن گهرن کان نڪرن ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ڊپٽي ڪنوينر ايم ڪيو ايم ڪنور نويد جميل


اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جا عوام ننڍي چونڊ ۾ ووٽ وجهڻ جي لاءِ پنهنجن گهرن کان نڪرن ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ڊپٽي ڪنوينر ايم ڪيو ايم ڪنور نويد جميل
 Posted on: 4/7/2016 1
اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جا عوام ننڍي چونڊ ۾ ووٽ وجهڻ جي لاءِ پنهنجن گهرن کان نڪرن ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ڊپٽي ڪنوينر ايم ڪيو ايم ڪنور نويد جميل
انتظاميه جي طرفان ڪئي ويندڙ ان ڳالھھ جي ترديد ڪريون ٿا ته اليڪشن واري ڏينهن ايم ڪيو ايم ۽ پي پي گڏجي ڪري وڳوڙ ڪنديون.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 6 اپريل 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ حق پرست اميدوارن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر قاسم علي رضا، محمد حسين، شبير احمد قائم خاني ۽ گلفراز خان خٽڪ به موجود هئا.ڪنور نويد جميل تمام تر سازشن، ڇاپن ۽ گرفتارين جي باوجود وڌي چڙهي ڪري چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي عوام جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پروفيگنڊن ۽ سازشن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي نه ماضي ۾ ڪمزور ڪيو ويو ۽ نه هاڻي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو. انهن چيو ته انتظاميه جي طرفان لڳاتار ان قسم جي ڳالھھ ڪئي پئي وڃي ته اليڪشن واري ڏينهن ايم ڪيو ايم ۽ پي پي گڏجي ڪري وڳوڙ ڪنديون. اسان اها ڳالھھ ريڪارڊ تي آڻڻ چاهيون ٿا ته هن وقت نه ئي ايم ڪيو ايم جو پي پي سان ڪوئي اتحاد آهي ۽ نه ئي اسان گڏجي ڪري ڪو اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهيون.انهن چيو ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جيترن به اليڪشنن ۾ حصو ورتو آهي انهن سمورن جو انعقاد وڏي پرامن نموني سان ٿيو آهي، مڪاني اليڪشن هجن يا اين اي 246 جي ننڍي چونڊ انهن سڀني جي مثال سامهون آهي.انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم اهو سمجهي ٿي ته جيترو پرامن اليڪشن ٿيندو ته ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي به اوتري ئي وڏي مارجن سان ٿيندي. اهي سيٽون ايم ڪيو ايم 1988 کان وٺي ڪري کٽندي پئي اچي ۽ ان وقت به ايم ڪيو ايم هتان اليڪشن کٽيا آهن جڏهن اسان تي بدترين آپريشن مسلط هو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ذميوار پارٽي آهي ۽ ان هر اليڪشن ۾ ذميواري سان حصو ورتو آهي. انهن انتظاميه کي اپيل ڪئي ڪالھھ غير ضروري طور تي ان قسم جو ماحول نه بڻايو وڃي. جنهن سان ووٽر خوفزده ٿين ۽ انهن کي پريشاني ٿئي.انهن صدر مملڪت ممنون حسين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار ٿيندڙ سازشن، زيادتين ۽ ناانصافين جو خاتمو ڪرائين.ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي وڏي پيماني تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، بي گناهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.جن تي ڪائي به ايف آئي آر نه آهي انهن کي 90 ڏينهن جي لاءِ حراست ۾ ورتو پيو وڃي. ان جي ڪري صدر مملڪت ۽ وزير اعظم صاحب ان سلسلي ۾ انصاف جي تقاضن کي پورو ڪندي اسان کي انصاف فراهم ڪرائين.انهن چيو ته ڪراچي ۾ انصاف جو اهڙو سسٽم قائم ڪيو وڃي جنهن جي تحت سزا صرف ڏوهاري کي ملي. انهن واضع ڪيو ته ايم ڪيو ايم عوامي جماعت آهي ان جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان کي ان جي مينڊيٽ جي مطابق مقام ڏنو وڃي .
*****

4/25/2024 2:36:55 AM