Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست عوام اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ ڀرپور حصو وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


حق پرست عوام اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ ڀرپور حصو وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/6/2016 1
حق پرست عوام اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ ڀرپور حصو وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ همدرد مخالفن جي ڪنهن به شرانگيزي تي ڪاوڙ ۾ نه اچن ۽ پرامن رهن. جناب الطاف حسين
لنڊن: 6 اپريل 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي عوام، امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 7 اپريل بروز خميس تي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺي ڪري حق پرست اميدوارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخي ڪاميابي ڏيارين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ هر زبان، قوم، مذهب ۽ فرقي سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي رهيا آهن ۽ اين اي 245 ۽ پي ايس 115 جي ننڍي چونڊ ۾ به ايم ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي انشاء الله تعالٰي يقيني آهي. انهن فرمايو ته جن جماعتن جي اميدوارن کي ايم ڪيو ايم جي هٿان لڳاتار عبرتناڪ شڪست ٿيندي رهي آهي اهي نه صرف افواهون ڦيلائي رهيا آهن بلڪه تشدد جا به حربا  استعمال ڪري رهيا آهن. پر مان عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مڪمل طور تي پرامن رهن، متحد رهن ۽ پنهنجي ووٽ جي جمهوري طاقت سان سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين. انهن خاص طور تي امڙين ۽ ڀينرن کي اپيل ڪئي ته اهي صبح جو سوير وڃي ڪري پنهنجو ووٽ وجهن. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي به اپيل ڪئي ته اهي به ڪنهن به شرانگيزي تي ڪاوڙ ۾ نه اچن ، پرامن رهن ۽ اليڪشن کي ملتوي ڪرڻ يا تڪراري بڻائڻ جي لاءِ ٿيندڙ سمورين سازشن کي پنهنجي اتحاد ۽ امن سان ناڪام بڻائي ڇڏين. 
*****

4/25/2024 4:50:07 PM