Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

انشاء الله تعالٰي 7 اپريل جو سج مظلوم عوام جي لاءِ اميد جي شعائن سان گڏ اڀرندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


انشاء الله تعالٰي 7 اپريل جو سج مظلوم عوام جي لاءِ اميد جي شعائن سان گڏ اڀرندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 4/6/2016 1
انشاء الله تعالٰي 7 اپريل جو سج مظلوم عوام جي لاءِ اميد جي شعائن سان گڏ اڀرندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
حق پرست عوام 7 اپريل تي پنهنجن گهرن کان ضرور نڪرن ۽ حق پرست اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين.جناب الطاف حسين
لنڊن: 6 اپريل 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪي ماڻهو مظلوم ۽ محڪوم قومن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ته اهي وڏين ڏکين حالتن ۽ امتحانن مان به گذرن ٿا. انهن ۾ ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي جو هجڻ به ضروري آهي. جيتوڻيڪ حق حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، رت به وهي ٿو، قيد جون تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ۽ جلاوطني جي زندگي به گذارڻي پوي ٿي. پر الله تعالٰي جي ذات پاڪ تي ڪامل يقين آهي ته حق پرستي جي جدوجهد ۾ شهيد ٿيندڙن جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ٿو وڃي ۽ جدوجهد ڪرڻ وارن کي هڪ نه هڪ ڏينهن منزل ضرور ملي ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم لائينز ايريا جي اليڪشن ڪيمپ تي موجود ذميوارن، ڪارڪنن، شعبه خواتين، ايلڊرونگ،حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ مڪاني نمائندن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جهڙي طرح ڏکئي وقت ۾ 

لائينز ايريا جا ڪارڪن ۽ عوام ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن ۽ حالتن ۽ نتيجن جي پرواھ ڪرڻ کان سواءِ ئي اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف آهن  ته انشاء الله تعالٰي 7 اپريل جو سج مظلوم ۽ محڪوم عوام جي اميد جي شعائن سان گڏ اڀرندو ۽ ان ڏينهن حق پرست اميدوار تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندا. انهن فرمايو ته تنظيم جنهن ڏکئي وقت مان گذري رهي آهي. گهر گهر ڇاپا پئجي رهيا آهن. مختلف الزامن کي منھھ به ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هزارين ڪارڪنن کي به شهيد ڪيو ويو آهي. هزارين جيلن ۾ قيد آهن ۽لاپتا آهن ۽ هزارين روپوشي جي زندگي گذارڻ تي به مجبور آهن. پر اهو الله تعالٰي جو ڪرم آهي ته ان مون کي تمام سٺا ، پيارا ۽ بهادر ڪارڪن ڏنا آهن. جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪجھھ ڪنا آنا به شامل آهن.  پر اڪثريت صاف ۽ سٿرن ماڻهن جي آهي. جيڪي ظلم ۽ زيادتي جي باوجود ثابت قدم آهن ۽ تنظيم سان جڙيل آهن. جنهن جي ڪري پارٽي اڄ ان مقام تي پهتي آهي.جيڪڏهن ايترو ڏکيو وقت ڪنهن ٻئي سياسي جماعت تي اچي ها ته هن مهل تائين اها هن ڌرتي تان به  ميٽجي وڃي ها ۽ ڪوئي به ان جو نالو وٺڻ وارو نه هجي ها.جناب الطاف حسين لائينز ايريا ۾ امن بحال ڪرڻ واري پوليس ، انتظاميه ۽ سرڪاري ادارن جي اهلڪارن کي  زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اوهان اليڪشن واري ڏينهن به اهڙي طرح ئي ايمانداري ۽ محنت سان اليڪشن کي پرامن بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو ته جيئن عوام پنهنجو ووٽ آزادانه ۽ پرسڪون ماحول ۾ وجهي سگهن. انهن عوام کي به اپيل ڪئي ته اهي 7 اپريل تي پنهنجن گهرن کان ضرور نڪرن ۽ حق پرست اميدوارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. جناب الطاف حسين حق پرستي جي جدوجهد ۾ شهيد ٿيندڙ  شهيدن جي بلند درجات ۽ اسيرن جي جلد و مڪمل آزادي ۽ تنظيم جي ڪاميابي  جي لاءِ دعائون به ڪيون. 
*****


4/19/2024 9:18:32 PM