Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم صرف هڪ سياسي جماعت نه بلڪه هڪ تحريڪ آهي. جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سالن کان جاري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ آهي. نديم نصرت


ايم ڪيو ايم صرف هڪ سياسي جماعت نه بلڪه هڪ تحريڪ آهي. جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سالن کان جاري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ آهي. نديم نصرت
 Posted on: 2/8/2016 1
ايم ڪيو ايم صرف هڪ سياسي جماعت نه بلڪه هڪ تحريڪ آهي. جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سالن کان جاري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ آهي. نديم نصرت
نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم پنجاب جي نئين چونڊيل ڪميٽي سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 8 فيبروري 2016 
                متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته ايم ڪيو ايم صرف هڪ سياسي جماعت نه بلڪه هڪ تحريڪ آهي. جنهن جو مقصد ملڪ ۾ سالن کان جاري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ آهي . انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم پنجاب جي نئين چونڊيل ڪميٽي سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. انهن ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر سينيٽر ميان عتيق ۽ ٻين سمورن صوبائي عهديدارن کي نئين ذميواري ملڻ تي مبادڪباد به پيش ڪئي. نديم نصرت چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ رائج فرسوده جاگيرداراڻه نظام کي تبديل ڪرڻ جي جدوجهد شروع ڪئي ته ان غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني جا صرف نعرا ئي نه هنيا بلڪه غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي چونڊرائي ڪري اسيمبلين ۾ به موڪليو. ايم ڪيو ايم جي صفن ۾ هڪ عام ڪارڪن کان وٺي ڪري تحريڪ جي قائد جناب الطاف حسين تائين ڪوئي به جاگيردار ۽ وڏيرو نه آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ نظام جي تبديلي جي سچي تحريڪ آهي. انهي جي ڪري ان جي خلاف بار بار رياستي آپريشن ڪيا پيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي ڪيترائي ڀيرا گرفتار ڪيو ويو. هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو. انهن کي قيد ۽ جلاوطني جي مصيبتن مان گذرڻو پيو ۽ عوام ۾ ايم ڪيو ايم جو اميج خراب ڪرڻ ۽ عوام کي ايم ڪيو ايم کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ۽ بي بنياد مقدما قائم ڪيا ويا. انهن جو بار بار ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو. پر اها ايم ڪيو ايم ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سچائي آهي ته تمام تر سازشن ، زهريلن پروفيگنڊن، هٿ ٺوڪيل الزامن ۽ ڪوڙن مقدمن جي باوجود الله تعالٰي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي هربار سوڀارو ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي هر اليڪشن ۾ ڀرپور ڪاميابي ڏياري آهي. انهن چيو ته نائن زيرو تي گذريل سال 11 مارچ جي ڇاپي ۽ تمام تر ميڊيا ٽرائل جي باوجود ايم ڪيو ايم نه صرف اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي بلڪه هن مڪاني اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نواب شاھ ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ  اندرون سنڌ جي مختلف علائقن کان به سيٽون حاصل ڪيون. نديم نصرت چيو ته پاڪستان ۾ انصاف ۽ قانون جو ٻٺو معيار آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن کي ته 19 سال پراڻي مقدمي ۾ به گرفتار ڪيو وڃي ٿو. پر بدنام زمانه ڏوهاري ۽ گينگ وار جي دهشت گرد عزير بلوچ واضع طور تي انڪشاف ڪيا آهن ته گينگ وار جي ڏوهارين کي ڪهڙي طرح سابق صدر آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ هٿيار ۽ سرپرستي فراهم ڪئي. ڪهڙي طرح سابق وزير داخلا ذوالفقار مرزٰي گينگ وار جي سرپرستي ڪئي. انهن کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا. ڪهڙي طرح انهن جي سرپرستي ۾ ٽارچر سيل قائم ڪيا ويا ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عام اردو ڳالهائڻ وارن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. ڪهڙي طرح وڏي پيماني تي ڏوهاري ڪاروائيون ڪيون ويون. پر اڄ تائين ڪنهن جي به خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته اسان پاڪستان ۾ انصاف ۽ قانون جو اهڙو نظام قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. جتي ڪوئي به قانون کان مٿانهون نه هجي ۽ سڀئي قانون جي اڳيان جوابده هجن. انهن ايم ڪيو ايم پنجاب جي صوبائي عهديدارن کي چيو ته پنجاب جي هڪ هڪ علائقي ۾ تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائڻ جي لاءِ پنهنجين سمورين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻين. تنظيم سازي جي سلسلي ۾ سمورا فيصلا پاڻ ۾ مشوري سان ڪن ۽ ڪنهن به پروفيگنڊي کان مايوس ٿيڻ جي بجاءِ همت ۽ حوصلي سان پنهنجي جدوجهد کي جاري رکن. ان موقعي تي پنجاب جي عهديدارن انهن کي يقين ڏياريو ته اهي نئين عزم سان تحريڪ جي پيغام کي پنجاب جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلائڻ جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪندا.
*****

4/23/2024 5:40:41 AM